لاڙڪاڻو-27 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آپريشن غضب الحق تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته افغان طالبان جي حملي جي جواب ۾ ڀرپور ڪارروائي ڪري پاڪ فوج خطي ۾ وري هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي طاقت ثابت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ڀارتي جي پراڪسي بڻيل افغانستان جي حڪومت سڄي خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ بند ڪري. هن چيو ته ڪابل …
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران آپريشن غضب الحق تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-27 فيبروري (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آپريشن غضب الحق تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته افغان طالبان جي حملي جي جواب ۾ ڀرپور ڪارروائي ڪري پاڪ فوج خطي ۾ وري هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي طاقت ثابت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ڀارتي جي پراڪسي بڻيل افغانستان جي حڪومت سڄي خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ بند ڪري. هن چيو ته ڪابل ريجن جي غلط حڪمت عملي پاڪستان کي جوابي ڪارروائي تي مجبور ڪيو. هن چيو ته اوڀر جي سرحد کان اولهه جي سرحدن تائين پاڪ فوج ملڪ جي هر انچ جو دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان ٽڪراءُ جو خواهشمند ناهي، پر جيڪڏهن اسان کي للڪاريو ويو ته اسين دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا.











