دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ اڳڀرائي ۽ عسڪريت پسندي خلاف قومي اتحاد جي ورجاءُ تي ٻَڌل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي: راڻا ثناءُ الله خان

اسلام آباد-27 فيبروي (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ پرڏيهي اڳڀرائي ۽ عسڪريت پسندي خلاف قومي اتحاد جي ورجاءُ تي ٻَڌل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا ناصر عباس طرفان ٺهراءُ تي بحث دوران پنهنجي خيالن جو اظهار …

اسلام آباد-27 فيبروي (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ پرڏيهي اڳڀرائي ۽ عسڪريت پسندي خلاف قومي اتحاد جي ورجاءُ تي ٻَڌل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر راجا ناصر عباس طرفان ٺهراءُ تي بحث دوران پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وفاقي ايوان طرفان ٺهراءُ جي متفقه منظوري عوام جي اجتماعي خواهش جي عڪاسي ۽ قومي عزم جي توثيق آهي. هن چيو ته نازڪ موقعي تي پاڪستاني قوم هميشه پنهنجي هٿياربند فوج تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ساڻس مضبوطيءَ سان بيٺل رهي آهي. ويجهڙ ۾ سرحد پار اڳرائيءَ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته هٿياربند فوج اثرائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو جڏهن ته تحمل ۽ ذميداريءَ جو مظاهرو ڪندي ڪارروائيءَ کي ضروري حد تائين محدود رکيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني فوج پيشيوراڻي صلاحيت رکندڙ آهي ۽ ڪنهن به دشمن کي فيصلائتو جواب ڏيڻ جي مڪمل اهليت رکي ٿي. هن خبردار ڪيو ته سرحد پار سرگرمين ۾ ملوث ڌُرين کي ماضيءَ ۾ ذميداراڻو رويو اختيار ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو پر جيڪڏهن اڳرائيءَ جو سلسلو جاري رهيو ته سختيءَ سان مُنهن ڏنو ويندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته قومي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت معاملن تي حڪومت ۽ سياسي قيادت عسڪري قيادت جي فيصلن سان مڪمل هم آهنگي رکي ٿي. بحث دوران سينيٽر علي ظفر صورتحال کي سهيڙڻ لاءِ علائقائي سطح تي هڪ مڪينزم جوڙڻ جي تجويز ڏني. ان تي راڻا ثناءُ الله معاملو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن اُماڻڻ جي تجويز ڏني ته جيئن پرڏيهي آفيس ۽ لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن سان اِن ڪئميرا بريفنگ وٺي ڪنهن حتمي فيصلي تائين پهچي سگهجي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ دوست ملڪن ڳالهين ۾ سهولتڪاري ڪئي جڏهن ته اهي ڪوششون ڪو نتيجو نه ڏئي سگهيون، ان باوجود هن ان تجويز کي تعميري قرار ڏيندي چيو ته مناسب مرحلي تي ان تي تفصيلي غور ڪرڻ گهرجي. راڻا ثناءُ الله چيو ته قرارداد جو مرڪزي پيغام واضح آهي ته قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي ۽ پنهنجي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهيدن جي پونئيرن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سياسي معاملن کي بهتر طور تي ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن جڏهن ته قومي سلامتي جا معاملا اجتماعي عزم جا گهرجائو آهن. وزيراعظم ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهي ۽ سياسي ڳالهين کي سيڪيورٽي معاملن کان ڌار رکندي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. هن مخالف ڌر جي ميمبرن تي زور ڀريو ته سياسي اختلاف کي دهشتگرديءَ خلاف قومي مؤقف کان ڌار رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جمهوري سياست ۾ اختلاف راءِ فطري ڳالهه آهي پر قومي سلامتي تي اتحاد سڀ کان مقدم آهي.

مزید خبریں