اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا 7 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته 27 فيبروري پاڪ فضائيه جي تاريخ جو سنهري باب ۽ اسان جي قومي جرئت ۽ عسڪري مهارت جو تاريخي ڏينهن آهي. پنهنجي خصوصي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستاني …
ڀارت هجي يا افغان طالبان رجيم، سر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو: گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا 7 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته 27 فيبروري پاڪ فضائيه جي تاريخ جو سنهري باب ۽ اسان جي قومي جرئت ۽ عسڪري مهارت جو تاريخي ڏينهن آهي. پنهنجي خصوصي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستاني شاهينن ازلي دشمن ڀارت جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ان دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي.هن چيو ته پاڪ فضائيه جي مربوط ڪمانڊ، وقت سر ڳجهي ڄاڻ ۽ درست هدف بندي ثابت ڪيو ته اسان جي آپريشنل تياريون دشمن کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهن ۽ ان ئي مهارت سبب دشمن جي فضائي طاقت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ دشمن 7 سالن کانپوءِ نئين روپ ۾ حملي آور ٿي رهيا آهن. هن سخت لهجو اختيار ڪندي چيو ته ڀارت ۽ افغان طالبان رجيم جون ڪڙيون پاڻ ۾ ملن ٿيون، جڏهن ته هاڻ افغان طالبان جي حرڪتن تي کين سر جو جواب پٿر سان ڏنو ويو آهي. محسن نقوي واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سرحدي حدن ۽ قومي خودمختياري جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو ۽ ان جي هر صورت ۾ تحفظ يقيني بڻائيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان بنا شڪ جي امن جو داعي آهي، پر ڪنهن به قسم جي اڳرائي يا مهم جوئي جو جواب پهرين کان وڌيڪ اثرائتو ۽ فيصلائتو هوندو. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته قوم پاڪ فضائيه جي شاهينن جي بي مثال جرئت ۽ سندن تاريخي ڪردار کي هميشه ياد رکندي.











