ڀارت سڌو سئنون مقابلو ڪرڻ جي همٿ نٿو رکي ان ڪري پراڪسيز ذريعي ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ميڊيا جو احترام ڪيو آهي، تنقيد کي اصلاح طورتي ورتو ويندو آهي، صحافي برادري حڪومت جي دل جي ويجهو آهي، سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد - 27 فيبروري (اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڀارت سڌو سئنون مقابلو ڪرڻ جي همٿ نٿو رکي ان ڪري پراڪسيز ذريعي ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ميڊيا جو احترام ڪيو آهي. تنقيد کي اصلاح طورتي ورتو ويندو آهي، ڪڏهن به ميڊيا تي پابنديون ناهن لڳايون، صحافي برادري حڪومت جي دل جي ويجهو آهي ۽ سندن فلاح ۽  بهبود لاءِ موثر …

حيدرآباد – 27 فيبروري (اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڀارت سڌو سئنون مقابلو ڪرڻ جي همٿ نٿو رکي ان ڪري پراڪسيز ذريعي ڪارروائيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ميڊيا جو احترام ڪيو آهي. تنقيد کي اصلاح طورتي ورتو ويندو آهي، ڪڏهن به ميڊيا تي پابنديون ناهن لڳايون، صحافي برادري حڪومت جي دل جي ويجهو آهي ۽ سندن فلاح ۽  بهبود لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن.اهڙو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين ۾ صحت ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄوڪو فيبروري وارو ڏينهن اسان لاءِ يادگار ڏينهن آهي، اڄوڪي ئي ڏينهن 27 فيبروري 2019ع تي پاڪ فوج ڀارتي پائيلٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪيو هو ۽ اڄوڪي ڏينهن 27 فيبروري 2026ع تي دشمن ڀارت جي پراڪسيز کي تاريخي شڪست نصيب ٿي، 27 فيبروري جو ڏهاڙو قوم کي ياد ڏياري ٿو ته ڪهڙي طرح 2019ع ۾ پاڪ فضائيه ڀارتي پائيلٽ اڀي نندن کي گرفتار ڪري ڀرپور جواب ڏنو هو. ملڪ کي درپيش جنگي صورتحال باوجود قوم پرسڪون آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي هٿيار بند فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي ڪري عوام پرسڪون زندگي گذاري رهيو آهي ۽ پوري قوم پنهنجي فوج کي سلام پيش ڪري ٿي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين ۾ صحت ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان کي هڪ ٻي جنگ ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر دشمن کي تاريخي ۽ سفارتي سطح تي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت سڌو سئنون مقابلو ڪرڻ جي همٿ نٿو رکي ان ڪري پراڪسيز ذريعي ڪارروائيون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪڏهن افغان طالبان جي آڙ ۾ ته وري ڪڏهن بي ايل اي جهڙي عنصرن ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي ويندي آهي، هن چيو ته پاڪستان هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ۽ اڄ به دشمن ۽ ان جي پراڪسيز کي نقصان کڻڻو پيو. پاڪستان امن ۽ ڳالهين تي يقين رکي ٿو پر ان پاليسي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان طرف ميري اک سان ڏٺو ته ان کي عبرتناڪ جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان افغان شهرين کي برادر سمجهي پناهه ڏني ۽ وسيلا ورهايا پر ان جي موٽ ۾ دهشتگردي ، اسلحو ۽ منشيات جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته افغان طالبان رجيم احسان فراموشي جو مظاهرو ڪيو، افغان طالبان رجيم طرفان پاڪستان مخالف عنصرن کي لغام نه ڏيڻ قابل مذمت عمل آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف پوري قوم متحد آهي ۽ هي وقت سياسي اختلافن جو ناهي پر قومي ٻڌي جو آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه ميڊيا جو احترام ڪيو آهي. تنقيد کي اصلاح طورتي ورتو ويو ۽ ڪڏهن به ميڊيا تي پابنديون ناهن لڳايون. هن چيو ته صحافي برادري حڪومت جي دل جي ويجهو آهي ۽ سندن فلاح ۽  بهبود لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ جديد سرڪاري اسپتالون قائم ڪيون آهن جتي هر شخص کي بنا ڪنهن فرق جي مفت علاج مهيا ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته ٽي سال اڳ کيس دل جو دورو پيو ته سندس علاج حيدرآباد جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ ٿيو جتي مڪمل ميرٽ تي علاج ٿيو سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ به ملڪ جي وڏي طبي سهولت مفت دستياب آهي جنهن ۾ عضون جي پيوندڪاري به ڪئي ويندي آهي ۽ ٻين صوبن مان ايندڙ مريض به ان سهولت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. صحت سڀ کان قيمتي اثاثو آهي انڪري صحافين کي هيلٿ ڪارڊز فراهم ڪيا ويا ۽ آئنده به صحافين جي سهولت لاءِ ڪم جاري رکيو ويندو جڏهن ته رڪيل منصوبن کي پڻ فوري طور تي حل ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد سندس گهر آهي ۽ ان جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي ترقياتي پيڪيج ڏنو ويو آهي جنهن تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي چيو ته مضبوط، صحتمند ۽ متحد قوم ئي هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهي ٿي ۽ جان آهي ته جهان آهي. تقريب دوران مجموعي طور تي 512 صحت انشورنس ڪارڊ ورهايا ويا. تقريب ۾ پريس ڪلب حيدرآباد جي صدر جنيد خانزاده، ايڇ يو جي  جي جنرل سڪيريٽري علي حمزه زيدي، صدر حامد شيخ ، سينيئر صحافي علي حسن، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ، ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ، ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد شهزاد شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.