حيدرآباد-27 فيبروري (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ چوپائي مال جي غذا ۽ چاري جي انتظامن بابت ھڪ مھيني وارو تربيتي ڪورس پڄاڻي تي پھتو. تفصيل مطابق سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اينيمل نيوٽريشن ڊپارٽمينٽ، بينظير ڀٽو شھيد ھيومن ريسورسز ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۽ سنڌ حڪومت جي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي گڏيل سھڪار سان چوپائي مال جي غذائيت ۽ چاري جي انتظامن جي عنوان ھيٺ …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ چوپائي مال جي غذا ۽ چاري جي انتظامن بابت ھڪ مھيني وارو تربيتي ڪورس پڄاڻي تي پھتو

مزید خبریں
حيدرآباد-27 فيبروري (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ چوپائي مال جي غذا ۽ چاري جي انتظامن بابت ھڪ مھيني وارو تربيتي ڪورس پڄاڻي تي پھتو. تفصيل مطابق سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اينيمل نيوٽريشن ڊپارٽمينٽ، بينظير ڀٽو شھيد ھيومن ريسورسز ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۽ سنڌ حڪومت جي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي گڏيل سھڪار سان چوپائي مال جي غذائيت ۽ چاري جي انتظامن جي عنوان ھيٺ منقعد ٿيل ھڪ مھيني وارو تربيتي ڪورس پڄاڻي تي پھتو، زرعي يونيورسٽي جي سينيٽ ھال ۾ تربيتي ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو تہ چوپائي مال جي غذا ۽ چاري جي انتظامن کي بھتر بڻائي کير جي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگھجي ٿي. ھن چيو تہ زرعي يونيورسٽي سنڌ جي مالوند ماڻھن ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن کي نئين ٽيڪنالاجي بابت سکيا ڏيڻ لاءِ تربيتي ڪورس ۽ ورڪشاپ جا موقعا فراھم ڪندي رھي آھي، جنھن سان مالوند ماڻھن کي فائدو حاصل ٿيندو، ان موقعي تي خطاب ڪندي لائيواسٽاڪ کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر حزب اللہ ڀٽو چيو تہ ٿر ۽ ڪاڇي سميت سنڌ جي اڪثر علائقن جي ماڻھن جي معيشت جو دارومدار چوپائي مال جي پالنا تي آھي جن جا درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اھڙا تربيتي ڪورس ڪارائتا ثابت ٿيندا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ ايڪسٽينشن اينڊ ريسرچ ڊاڪٽر مبارڪ علي جتوئي خطاب ڪندي چيو تہ يونيورسٽي، تربيت ڏيندڙ ادارا ۽ لائيو اسٽاڪ کاتو گڏجي مستقبل ۾ سنڌ جي مالوند ماڻھن لاءِ بھتر ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا جنھن لاءِ نوجوانن ۽ مالوند ماڻھن جي تربيت ۽ کين ٽيڪنالاجي بابت ڄاڻ مھيا ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي بينظير ڀٽو شھيد ھيومن ريسورسز ريسرچ اينڊ ڊولوپمنٽ بورڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مجيد ڌامراھ ٻڌايو تہ محترمہ بينظير ڀٽو شھيد جي نوجوانن کي تربيت ڏياري خودڪفيل بڻائڻ واري مشن کي وڌائيندي بينظير ڀٽو شھيد ھيومن ريسورسز ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ھن وقت تائين 5 لک کان وڌيڪ نوجوانن کي مختلف شعبن بابت تربيت مھيا ڪري چڪو آھي. زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ چوپائي مال جي غذا ۽ چاري جي مينيجمينٽ بابت ھڪ مھيني وارو تربيتي ڪورس منقعد ڪيو ويو جنھن تحت زرعي يونيورسٽي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ماھرن وسيلي 20 شاگردن کي تربيت ڏني وئي آھي. ان موقعي تي ڊاڪٽر گلفام مغل، ڊاڪٽر مزمل ٽالپر، ڊاڪٽر اسد علي ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا، تقريب ۾ ڊاڪٽر شڪيل احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالقرنين ٽالپر، ڊاڪٽر صبا سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











