مڪه المڪرمه -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي دوري دوران مڪه المڪرمه ۾ عمرو ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي طاقت ۽ حوصلي جي لاءِ دعا ڪئي جن افغان طالبان حڪومت جي اشتعال انگيزي جو ڀرپور جواب ڏنو. نائب وزيراعظم سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آهي جتي هو …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي دوري دوران مڪه المڪرمه ۾ عمرو ادا ڪيو

مزید خبریں
مڪه المڪرمه -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي دوري دوران مڪه المڪرمه ۾ عمرو ادا ڪيو ۽ پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي طاقت ۽ حوصلي جي لاءِ دعا ڪئي جن افغان طالبان حڪومت جي اشتعال انگيزي جو ڀرپور جواب ڏنو. نائب وزيراعظم سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي آهي جتي هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. نائب وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته الحمدالله اڄ هن برڪتن واري مهيني رمضان ڪريم ۾ عمرو ادا ڪيو. هن چيو ته مون پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي طاقت ۽ همت جي لاءِ دعا ڪئي جيڪي اسان جي ملڪ کي درپيش خطرن ۽ دهشتگردي جي خلاف مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن. هن پاڪستان جي سلامتي، تحفظ ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ عوام جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل جي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته هو اسان جي فوج جي حفاظت فرمائي، پاڪستاني شهرين کي محفوظ رکي ۽ پاڪستان تي پنهنجون رحمتون ۽ برڪتون نازل فرمائي.











