نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير سان تازي علائقائي اڳڀرائي بشمول پاڪستان افغانستان سرحد جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد  -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان تازي علائقائي اڳڀرائي بشمول پاڪستان افغانستان سرحد جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس اشتعال انگيز افغان جارحيت تي پاڪستان جي ٺوس ردعمل کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي خودمختياري ۽ …

اسلام آباد  -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان تازي علائقائي اڳڀرائي بشمول پاڪستان افغانستان سرحد جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس اشتعال انگيز افغان جارحيت تي پاڪستان جي ٺوس ردعمل کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ ”آپريشن غضب الحق“ تحت ڪامياب ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشنز ڪيا آهن. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں