اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عام چونڊن بابت اهم فيصلو ٻڌائيندي اين اي 251 تان خوشحال خان خٽڪ کي ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سندس ڪاميابي جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران اميدوار جي وڪيل سلمان اڪرم راجا موقف اختيار ڪيو ته ڪيس …
سپريم ڪورٽ پاران اين اي 251 تان خوشحال خان خٽڪ کي ڪامياب قرار

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عام چونڊن بابت اهم فيصلو ٻڌائيندي اين اي 251 تان خوشحال خان خٽڪ کي ڪامياب اميدوار قرار ڏنو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سندس ڪاميابي جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران اميدوار جي وڪيل سلمان اڪرم راجا موقف اختيار ڪيو ته ڪيس فارم 45 جي چوڌاري گهمي ٿو ۽ 10 پولنگ اسٽيشنن جي فارم 45 ۽ 48 ۾ واضح فرق موجود آهي. وڪيل موجب 10 پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا فارم 48 موجب داخل ناهن ڪيا ويا ۽ هر پولنگ اسٽيشن تي سندس موڪل جا اٽڪل 100 ووٽ گهٽ ڪيا ويا، جڏهن ته مخالف اميدوار سيد سميع الله جي ووٽن ۾ فارم 48 ۾ اضافو ڏيکاريو ويو. هن عدالت آڏو 10 پولنگ اسٽيشنز جا فارم 45 به پيش ڪيا، غلط نتيجا ڏيڻ تي رٽرننگ آفيسر (آر او) خلاف ڪارروائي بابت قانون تي بحث ٿيو. جسٽس نعيم اختر افغان پڇاڻو ڪيو ته ڇا غلط نتيجن تي آر او خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ۽ ڇا اڄ تائين ڪنهن آر او خلاف ان بنياد تي ڪارروائي ٿي آهي؟ ان تي اليڪشن ڪميشن جي نمائندگي موقف اختيار ڪيو ته آر او خلاف ڪارروائي بابت قانون ۾ پورو هڪ باب موجود آهي ۽ ان تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ خوشحال خان خٽڪ کي ڪامياب اميدوار قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.











