پاڪستان وچ ايشيائي مارڪيٽن ۾ پٽاٽي جو روانگي واپار وڌائڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهيو آهي: راڻا تنوير حسين

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين  جي صدارت هيٺ پٽاٽي جي روانگي واپار بابت ڪميٽي جي ٻي اجلاس ۾ پٽاٽي جي پيداوار، اضافي ذخيرن ۽ روانگي واپار جي سهولتڪاري جي موجوده حالتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزارت جي سينيئر آفيسرن، زراعت کاتن جي صوبائي نمائندن، روانگي واپار ڪندڙن، لاجسٽڪ ڪمپنين ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. قومي …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين  جي صدارت هيٺ پٽاٽي جي روانگي واپار بابت ڪميٽي جي ٻي اجلاس ۾ پٽاٽي جي پيداوار، اضافي ذخيرن ۽ روانگي واپار جي سهولتڪاري جي موجوده حالتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزارت جي سينيئر آفيسرن، زراعت کاتن جي صوبائي نمائندن، روانگي واپار ڪندڙن، لاجسٽڪ ڪمپنين ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان گذريل ڏينهن جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ متوقع اضافي پٽاٽي جي پيداوار جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو ۽ روايتي ۽ اڀرندڙ ايڪسپورٽ مارڪيٽن جو به جائزو ورتو ويو. بحث دوران ايڪسپورٽ لاءِ درپيش اهم چئلينجز اجاگر ڪيا ويا، جن ۾ وڌندڙ ڀاڙي جي لاڳت، لاجسٽڪ رڪاوٽون ، رستن بابت مسئلا ۽ ٽرانسپورٽرز جي ويزائن جي سهولت شامل هئي. ڪميٽي رعايتي فريٽ ريٽس، ريلوي ۽ لاجسٽڪ فراهم ڪندڙن سان بهتر رابطاڪاري ۽ سرحدي واپار کي آسان بڻائڻ جي قدمن تي به غور ڪيو. راڻا تنوير حسين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده روانگي واپار جي موقعن کي خاص طور تي وچ ايشيائي مارڪيٽن لاءِ فوري طور تي استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي فراهمي تي دٻاءُ گهٽ ٿئي ۽ آبادگارن کي گهٽ قيمت تي وڪري کان بچائي سگهجي. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته التوا ۾ پيل معاملن کي جلد کان جلد اڪلائين، عملي رڪاوٽن کي ختم ڪن ۽ اضافي ذخيرن جي رواني کي يقيني بڻائين.  وفاقي وزير حڪومت طرفان آبادگارن جي حمايت، مارڪيٽ جي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ جامع ۽ وقت جي پابند قدمن ذريعي پاڪستان جي زرعي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته عملي حل فوري طور تي لاڳو ڪيا وڃن ته جيئن آبادگارن جا مفاد محفوظ ٿين ۽ پاڪستان جي عالمي مارڪيٽن ۾ پوزيشن مضبوط ٿئي. اجلاس جي پڄاڻي ان فيصلي سان ٿي ته روانگي واپار جي رجحانن تي ويجهي نگراني جاري رکي ويندي ۽ طئي ٿيل قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ فالو اپ اجلاس گهرايا ويندا.

مزید خبریں