حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا ڪنهن دير جي حل ڪيا وڃن: صوبائي محتسب سنڌ جو ريجنل ڊائريڪٽر

لاڙڪاڻو- 27 فيبروري(اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا ڪنهن دير جي حل ڪيا وڃن. پگهارن، پينشن،جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻي ۾ ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيل کلي ڪچهري ۾ ڳالهائيندي ڪيو. …

لاڙڪاڻو- 27 فيبروري(اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جا مسئلا بنا ڪنهن دير جي حل ڪيا وڃن. پگهارن، پينشن،جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ادا ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻي ۾ ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيل کلي ڪچهري ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملازمن ۽ خاص طور تي رٽائرڊ ملازمن ۽ بيواهن جون رهتون ادا ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي ۽ جيڪي به رهتون اوهان جي آفيس جي ذمي آهن اهي بروقت ادا ڪيون وڃن ۽ جيڪي به قانوني رڪاوٽون درپيش آهن انهن لاءِ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کي لکيو وڃي. بيواهن ۽ پيرسن عورتن جو خاص خيال رکيو وڃي ته جيئن کين پريشاني پيش نه اچي. 

هن وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ رهيل ڪيسن متعلق آگاهي پڻ ڏني وڃي ته جيئن انهن کي حل ڪري سگهجي ۽ ملازم پنهنجيون رهتون بروقت حاصل ڪري سگهن ۽ گهربل ڪاغذات بابت رٽائرڊ ملازمن کي آگاهي پڻ ڏني وڃي ته جيئن اهي پورو ڪري اوهان وٽ جمع ڪرائي سگهن. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر عبدالفتاح سومرو ڳالهائيندي چيو ته سمورن ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون ادا ڪيون وڃن ٿيون پر ان سلسلي ۾ پهريان رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته رٽائرڊ ملازم پنهنجا ڪاغذ مڪمل جمع ڪرائين ته جيئن کين ادائگيون ڪيون وڃن. کليل ڪچهري ۾ نجم الدين مهيسر، ضياءُ الحق، محمد اسماعيل مغيري، مسمات سميرا ۽ ٻين ادائگين لاءِ درخواستون جمع ڪرايون جن جي حل لاءِ موقعي تي احڪامات جاري ڪيا ويا. کليل ڪچهري ۾ 15 درخواستون موصول ٿيون. ان موقعي تي حامد علي ابڙو اڪائونٽنٽ، شعيب علي جاگيراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.