اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري افغانستان جي بنا جواز جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته رات جي اونڌاهي ۾ ڪيل حملو کليل جارحيت ۽ بزدلاڻو قدم آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختيياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو. پنهنجي بيان ۾ سردار اويس لغاري چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت قومي دفاع لاءِ …
توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري پاران افغانستان جي بنا جواز جارحيت جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري افغانستان جي بنا جواز جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته رات جي اونڌاهي ۾ ڪيل حملو کليل جارحيت ۽ بزدلاڻو قدم آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختيياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو. پنهنجي بيان ۾ سردار اويس لغاري چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت قومي دفاع لاءِ پرعزم آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج دشمن کي موثر ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو، هٿياربند فوج جي وقت سر ۽ فيصلائتي ڪارروائي تي پوري قوم کي فخر آهي.وفاقي وزير چيو ته دشمن جي ناپاڪ ارادن کي هر محاذ تي ناڪام بڻايو ويندو. پاڪستان جي غيور قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ جي امن ۽ استحڪام تي وار ڪرڻ نه ڏينداسين.











