اسلام آباد- 27 فيبروري (اي پي پي ) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان افغان رجيم جو معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي قدمن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سر زمين پنهنجي عوام ۽ پنهنجي سرحدن جي دفاع تي ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندو، اسان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جي مڪمل سگهه، عزم ۽ صلاحيت رکون ٿا، …
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاران افغان رجيم جو معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي قدمن جي مذمت، فوج کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 فيبروري (اي پي پي ) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان افغان رجيم جو معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي قدمن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سر زمين پنهنجي عوام ۽ پنهنجي سرحدن جي دفاع تي ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندو، اسان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جي مڪمل سگهه، عزم ۽ صلاحيت رکون ٿا، ان تي ڪو به مشڪل وقت اچڻ نه ڏينداسين، سڄي قوم ۽ فوج ملڪ جي دفاع لاءِ شيهي جي ڀت وانگر ثابت قدم آهي. هڪ بيان ۾ راڻا مشهود احمد خان چيو ته اسان کي پنهنجي بهادر فوج جي پيشوراڻي مهارت ، قربانين ۽ عزم تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان جي غيور قوم ۽ فوج وطن عزيز جي دفاع لاءِ شيهي واري ڀت وانگر متحد، چوڪس ۽ ثابت قدم آهي. راڻا مشهود احمد خان چيو ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان افغان سر زمين پاڪستان دشمن عنصرن لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻيل آهي، جتي ٽي ٽي پي جهڙو دهشت گرد گروهه بدامني ۽ تخريب ڪاري ۾ ملوث رهيو. هن چيو ته تازي بنا جواز جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان واضح پيغام ڏنو آهي ته قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو ۽ هر قسم جي مهم جو وقت سر ۽ بهتر جواب ڏنو ويندو.











