لاهور-27 فيبروري (اي پي پي ) سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته ڊيورنڊ لائن جو مسئلو هميشه لاءِ حل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي . اي پي پي سان ڳالهائيندي محمد علي دراني افغانستان پاران پاڪستان تي جنگ مڙهڻ جي افغان حڪومت جي قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت جي سرپرستي ۾ افغان حڪومت جو پاڪستان تي حملو نه رڳو …
پاڪستان تي کليل جنگ لاڳو ڪري افغان حڪومت دوحه معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي: محمد علي دراني

مزید خبریں
لاهور-27 فيبروري (اي پي پي ) سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته ڊيورنڊ لائن جو مسئلو هميشه لاءِ حل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي . اي پي پي سان ڳالهائيندي محمد علي دراني افغانستان پاران پاڪستان تي جنگ مڙهڻ جي افغان حڪومت جي قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت جي سرپرستي ۾ افغان حڪومت جو پاڪستان تي حملو نه رڳو احسان فراموشي آهي، پر غير اسلامي ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي به آهي. اهي قدم کڻي افغان حڪومت دهشتگردن جي سرپرستي جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي کليل جنگ مڙهي افغان حڪومت دوحه معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي آهي، جنهن تي معاهدي جي ضامنن کي افغان حڪومت کي جواب ڏيڻو آهي.











