اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست تي اعتراض لڳائي ان کي واپس ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي اڳواڻي ۾ ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سردار لطيف کوسه ۽ نعيم پنجوٿه عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران لطيف کوسه عدالت کي درخواست مقرر ڪرڻ جي گذارش ڪئي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته …
سپريم ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست تي اعتراض لڳائي ان کي واپس ڪري ڇڏيو آهي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي اڳواڻي ۾ ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سردار لطيف کوسه ۽ نعيم پنجوٿه عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران لطيف کوسه عدالت کي درخواست مقرر ڪرڻ جي گذارش ڪئي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته درخواست اعتراض سميت گذريل ڏينهن واپس ڪئي وئي آهي، اهڙي ڪا به درخواست بحث هيٺ ناهي، جنهن تي ڪاروائي ڪري سگهجي. هن چيو ته درخواستون ٻئي حڪم تائين التوا هيٺ رهنديون ۽ رجسٽرار آفيس مان اعتراض جي ڪاپي حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته صحت جو معاملو هن وقت التوا هيٺ ناهي ۽ انساني بنيادن تي ئي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو هو . جسٽس شاهد بلال حسن لطيف کوسه کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو کيس 1992ع کان سڃاڻي ٿو ۽ هو سٺي طرح سمجهي رهيو آهي ته ڇا چيو پيو وڃي . چيف جسٽس به رمارڪس ڏنا ته کوسه صاحب هڪ سينيئر وڪيل آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو طريقڪار ڄاڻيندو هوندو.











