واپار پاري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ٽيڪسٽائيل ۽ اپيرل ايڪسپورٽ ڪندڙن  جي ملاقات

اسلام آباد -27 فيبروري (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ٽيڪسٽائل ۽ اپيرل ايڪسپورٽ ڪندڙن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي درپيش مسئلن تي تفصيلي غور طور ڪيو ويو. ملاقات ۾ صنعتڪارن ٽيڪس ، مهانگي بجلي ۽ گيس تي خدشن جو اظهار ڪيو. وفد وفاقي وزير کي چيو ته ريفنڊز ۾ دير سان روانگي واپار ڪندڙن کي مالي مشڪلاتون درپيش آهن. …

اسلام آباد -27 فيبروري (اي پي پي ) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ٽيڪسٽائل ۽ اپيرل ايڪسپورٽ ڪندڙن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائل سيڪٽر جي درپيش مسئلن تي تفصيلي غور طور ڪيو ويو. ملاقات ۾ صنعتڪارن ٽيڪس ، مهانگي بجلي ۽ گيس تي خدشن جو اظهار ڪيو. وفد وفاقي وزير کي چيو ته ريفنڊز ۾ دير سان روانگي واپار ڪندڙن کي مالي مشڪلاتون درپيش آهن. هن ايڪسپورٽ فيسيليٽيشن اسڪيم ۾ مسئلن جي حل لاءِ فني ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ڄام ڪمال خان چيو ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر پاڪستان جي روانگي واپار جي ڪرنگهي جي هڏي آهي. حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته پاليسين ۾ استحڪام ۽  مقابلو وڌائڻ حڪومت جي ترجيح آهي. واپار واري وزير وفد کي نئين مارڪيٽن جي ڳولا ۽ هاءِ ويليو مصنوعات تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ڄام ڪمال چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صنعت وچ ۾ مسلسل مشاورت جاري رکي ويندي،  گڏيل حڪمت عملي سان ئي قومي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ممڪن آهي.

مزید خبریں