خيبرپختونخوا جي سول سوسائٽي ۽ سياستدانن طرفان افغان طالبان جي چڙڏياريندڙ جارحيت جي مذمت

پشاور _ 27 فيبروري (اي پي پي ) خيبرپختونخوا ۾ سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن ڪيترن ئي هنڌن تي سرحد پار کان افغان طالبان رجيم جي چڙڏياريندڙ جارحيت جي شديد مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي فيصلائتي رد عمل جي تعريف ڪندي چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ فوري ۽ موثر ڪارروائي ڪئي آهي . گذريل ڏينهن پشاور يونيورسٽي …

پشاور _ 27 فيبروري (اي پي پي ) خيبرپختونخوا ۾ سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن ڪيترن ئي هنڌن تي سرحد پار کان افغان طالبان رجيم جي چڙڏياريندڙ جارحيت جي شديد مذمت ڪئي آهي. هن پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي فيصلائتي رد عمل جي تعريف ڪندي چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ فوري ۽ موثر ڪارروائي ڪئي آهي . گذريل ڏينهن پشاور يونيورسٽي جي عالمي لاڳاپن واري شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز خان اي پي پي سا ڳالهائيندي  سرحد پار کان ٿيندڙ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان تمام گهڻو صبر جو مظاهرو ڪيو پر جارحيت خلاف فيصلائتو آپريشن ” غضب الحق “ شروع ڪرڻ  کانسواءِ ڪو به چارو نه هو . ڊاڪٽر اعجاز خان چيو ته پاڪستان پنهنجي امن يا علائقائي سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو . هن افغان طالبان رجيم جي  چڙڏياريندڙ جارحيت تي موثر رد عمل  ڏيڻ تي هٿيار بند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو . اڳوڻي سفير منظور الحق به سرحد پار کان ٿيندڙ فائرنگ جي مذمت ڪندي ان کي بزدلاڻو فعل قرار ڏنو . هن چيو ته افغان طالبان دوحه معاهدي تحت ڪيل وعدن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ افغان سرزمين تان پاڪستان خلاف دهشتگرداڻيون سرگرميون جاري آهن . هن چيو ته پاڪستان جو عوام ۽ هٿياربند فوج ملڪ جي سلامتي ، خود مختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفط لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن. فاٽا جي  امن امان بابت اڳوڻي سيڪريٽري برگينڊيئر (ر ) محمود شاهه به خيبرپختونخوا جي ڪيترن سرحدي علائقن ۾ شهري آبادين تي افغان طالبان رجيم جي چڙڏياريندڙ فائرنگ جي شديد مذمت ڪئي . هن چيو ته ڀارت جي حمايت يافته افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جو ڳٺ جوڙ پاڪستان اندر دهشتگرداڻن حملن  جي منصوبه بندي ۽ ان تي عملدرآمد ۾ ملوث آهي . هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج پيشيوراڻي طور تي تربيت يافته ۽ اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي.

مزید خبریں