لاڙڪاڻو/قمبر شهدادڪوٽ - 27 فيبروري (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر امداد علي ابڙو جي صدارت ۾ درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ماھوار گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن سميت سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جي …
قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ماھوار گڏجاڻي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو/قمبر شهدادڪوٽ – 27 فيبروري (اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر امداد علي ابڙو جي صدارت ۾ درٻار ھال ڊي سي آفيس قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ماھوار گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن سميت سڀني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جي گذريل مهيني جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ايندڙ مهيني مارچ 2026ع لاءِ نوان ٽاسڪ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ ضلعي انتظاميا جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جي عملدارن سان ڳالهائيندي چيو ته قمبر شهر جي ھڪ شهري پاران اختيارين کي لکت ۾ شڪايت پيش ڪندي ڄاڻايو ويو آھي ته ڪجھ ماڻھو غيرقانوني طور تي کليل پيٽرول وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪو قانون جي کلي عام خلاف ورزي آھي. شڪايت ۾ چيو ويو آھي ته اهڙي غيرقانوني ڪاروبار سبب عوام کي نقصان پهچي رهيو آھي ۽ ڪنهن به وقت ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. شهري پنهنجي درخواست ۾ مطالبو ڪيو آھي ته لاڳاپيل کاتا فوري نوٽيس وٺي غيرقانوني پيٽرول جي وڪري ۾ ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪن ۽ اهڙي عمل کي روڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اهڙين غيرقانوني سرگرمين جو خاتمو انتهائي ضروري آھي. درخواست ۾ اختيارين کان اپيل ڪئي وئي آھي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر کي مختلف ادارن جي اهلڪارن پنهنجيون پنھنجيون رپورٽون پيش ڪندي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا طرفان مليل شڪايت تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به غيرقانوني سرگرمين کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ جيڪي غيرقانوني اسمگلنگ ٿيل ايراني پيٽرول وڪرو ڪندي پڪڙجي پيا انهن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ان کان علاوه غيرقانوني سگريٽ وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪجھ دڪاندارن تي ڇاپا هڻي ان کان اسمگل ڪيل سگريٽن کي ضبط ڪري آئنده لاءِ نوٽيس پڻ ڏنو ويو آهي. ھن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ھدايتون ڏيندي چيو ته بلوچستان بارڊر جي ڪڙي نگراني ڪئي وڃي ۽ ھر چيڪ پوسٽ جي نفري وڌائي وڃي ته جيئن سڄي ضلعي کي منشيات کان پاڪ بڻايو وڃي. ان کان علاوه ضلعي جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ته جيئن شدت پسند تنظيمن جي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي سگهجي. ھُن ايندڙ مهيني جي لاءِ سڀني شرڪت ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي نوان ٽاسڪ پڻ ڏنا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر – ون ذوھيب ضمير اوڍاڻو ،سڀني تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ سرڪاري ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا.











