اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته افغان طالبان رجيم پاران پاڪستان-افغانستان سرحد تي بنا ڪنهن جواز جي فائرنگ جي ڪارروائين جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو پيو وڃي ۽ اهو جاري رهندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته افغان طالبان رجيم ۽ ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان ڪوڙي ۽ بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي جنهن جو حقيقت …
افغان طالبان رجيم جي پاڪ-افغان سرحد تي بنا ڪنهن جواز جي فائرنگ جي ڪارروائين جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو پيو وڃي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته افغان طالبان رجيم پاران پاڪستان-افغانستان سرحد تي بنا ڪنهن جواز جي فائرنگ جي ڪارروائين جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو پيو وڃي ۽ اهو جاري رهندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته افغان طالبان رجيم ۽ ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان ڪوڙي ۽ بي بنياد پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي جنهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي، خُوش فهمين تي ٻڌل اهڙا سمُورا افواهه شرمندگي کي ختم ڪرڻ لاءِ پکيڙيا پيا وڃن. هن چيو ته عملي ميدان ۾ واضح شڪست کائڻ کانپوءِ افغان طالبان رجيم ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جو سهارو وٺي رهي آهي. افغان طالبان رجيم کي ڪنهن به ڪوڙ جي پويان لڪڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته الحمد الله پاڪستان جي پيشيوراڻي فوج حملي آورن جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي رهي آهي. هيستائين تصديق ٿيل معلومات موجب، پاڪ فوج جي ڪاررواين ۾ افغان طالبان رجيم جا 36 ڪارندا جهنم ڀيڙا ٿي چُڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته مُلڪ جو دفاع ڪندي پاڪ فوج جا ٻه سپاهي شهيد جڏهن ته ٽي زخمي ٿيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان گذريل ڏينهن ۾ خطي خاص طور تي پاڪستان ۾ بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪندڙ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪئي آهي. افغان طالبان رجيم پاران فتنه الخوارج جي دفاع ۾ پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ فائرنگ افغان طالبان رجيم جي دهشتگردن جي پٺڀرائي کي پوري دنيا جي سامهون هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته افغانستان کي ماضي جي شڪستن مان سبق سکڻ گهرجي، پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندڙ هر دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائيندا رهنداسين.











