اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت جي پاڪ-افغان سرحد تي بنا جواز ڪارروائي جو پاڪستان طرفان فوري ۽ موثر جواب ڏنو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي ڪيل هڪ پوسٽ موجب، افغان طالبان وڏي خوشفهمي جو شڪار ٿيندي خيبر پختونخواه ۾ پاڪستان-افغانستان سرحد تي ڪيترن ئي هنڌن تي بنا جواز جي فائرنگ جي بيوقوفي ڪئي، جنهن جو پاڪستاني سيڪيورٽي …
افغان طالبان حڪومت جي سرحد تي بنا جواز ڪارروائي جو پاڪستان طرفان فوري ۽ موثر جواب ڏنو ويو: اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت جي پاڪ-افغان سرحد تي بنا جواز ڪارروائي جو پاڪستان طرفان فوري ۽ موثر جواب ڏنو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي ڪيل هڪ پوسٽ موجب، افغان طالبان وڏي خوشفهمي جو شڪار ٿيندي خيبر پختونخواه ۾ پاڪستان-افغانستان سرحد تي ڪيترن ئي هنڌن تي بنا جواز جي فائرنگ جي بيوقوفي ڪئي، جنهن جو پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز طرفان فوري ۽ موثر جواب ڏنو پيو وڃي. چترال، خيبر، مهمند، ڪرم ۽ باجوڙ سيڪٽرن ۾ طالبان حڪومت جي فوج کي شڪست ڏيندي ڀرپُرو جوابي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. شروعاتي رپورٽن ۾ افغانسان جي وڏي جاني نقصان جي تصديق ٿي آهي ۽ انهن جون ڪيتريون ئي پوسٽون، سامان ۽ هٿيار تباهه ٿي ويا آهن. پاڪستان پنهنجي علائقائي سالميت ۽ پنهنجي شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمُورا ضروري قدم کڻندو.











