آپريشن "غضب الحق” تحت وڌيڪ جوابي ڪارروايُون جاري آهن، هر جارحيت جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) آپريشن "غضب الحق" دوران، افغان طالبان رجيم جا 72 ڪارندا مارجي ويا ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي ڪيل هڪ پوسٽ موجب آپريشن "غضب الحق" دوران، خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات 2 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 72 ڪارندا مارجي ويا، 120 کان …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) آپريشن "غضب الحق” دوران، افغان طالبان رجيم جا 72 ڪارندا مارجي ويا ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي ڪيل هڪ پوسٽ موجب آپريشن "غضب الحق” دوران، خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات 2 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 72 ڪارندا مارجي ويا، 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، 16 پوسٽون تباهه ڪيون ويون ۽ 7 پوسٽون تي قبضو ڪيو ويو. ان کانسواءِ افغان طالبان رجيم جو هڪ گولا بارود ڊپو، بٽالين هيڊ ڪوارٽر، سيڪٽر هيڊ ڪوارٽر ۽ 36 کان وڌيڪ ٽينڪ، آرٽلري گنز ۽ اي پي سيز تباهه ڪيُون ويُون. وڌيڪ جوابي ڪارروايُون جاري آهن ۽ هر جارحيت جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو.

مزید خبریں