ڪوبه ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته پاڪستان دٻاءُ يا خطري کان ڊڄي ويندو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو آهي ته ڪوبه ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته پاڪستان دٻاءُ يا خطري کان ڊڄي ويندو، اسان جي هٿياربند فوج جي جوابي صلاحيت گهڻ رُخي، بروقت ۽ فيصلائتي آهي ۽ هُن وٽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي پاڙ کان پٽڻ جي ڀرپُور صلاحيت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر چيو …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو آهي ته ڪوبه ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته پاڪستان دٻاءُ يا خطري کان ڊڄي ويندو، اسان جي هٿياربند فوج جي جوابي صلاحيت گهڻ رُخي، بروقت ۽ فيصلائتي آهي ۽ هُن وٽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي پاڙ کان پٽڻ جي ڀرپُور صلاحيت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر چيو ته اڄ پاڪستان جي باوقار قوم ۽ اسان جي بهادر هٿياربند فوج مُلڪ جي سالميت ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ شيهي جي ديوار وانگر بيٺيون آهن. پاڪستان جي رياست امن، استحڪام ۽ علائقائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪندي، ڪنهن کي به اها غلط فهمي نه هجڻ گهرجي ته پاڪستان دٻاءُ يا خطري کان ڊڄي ويندو. صدر چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جي جوابي صلاحيت گهڻ رُخي، بروقت ۽ فيصلائتي آهي ۽ اها دشمن جي ناپاڪ ارادن کي پاڙ کان پٽڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. اسان تڪرار نٿا چاهيون، پر جيڪڏهن ڪو پاڪستان جي امن کي ڪمزوري سمجهيو ته ان کي سخت جواب ملندو. صدر چيو ته گذريل پنجن سالن کان احسان فراموش طالبان رجيم پنهنجي مُحسن پاڪستان جي خلاف پنهنجي ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي وسيلي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ مصروف آهي، اسان جا سمُورا سفارتي قدم ۽ ڀائر ملڪ هن ڏوهاري ٽولي کي سڌي رستي تي آڻڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، هن ڏوهاري ۽ بزدل ٽولي عالمي سرحد کي اورانگهي پاڪستان جي سالميت کي للڪاريو آهي. هن چيو ته پاڪستان، هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان سفارتي ذريعا اختيار ڪيا ۽ ڀائر ملڪن جي مدد سان هن ڏوهاري ٽولي کي سڌي رستي تي آڻڻ جُون سنجيده ڪوششون ڪيون، پر ڪابه مثبت اڳڀرائي نٿي سگهي. مون 8 فيبروري تي اسلام آباد جي هڪ مسجد ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي کانپوءِ طالبان رجيم کي واضح ۽ سخت لفظن ۾ خبردار ڪيو هو ۽ پنج ڏينهن اڳ 22 فيبروري تي ساڳئي گروهه کي ٻيهر واضح پيغام ڏنو هو. پاڪستان کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته تشدد جا منصوبا ٺاهيندڙ، سهولتڪار ۽ سرپرست ڪٿي ويٺل آهن، جيڪڏهن خونريزي جو سلسلو جاري رهيو ته ذميوار عنصر اسان جي پهچ کان پري نه هوندا.

مزید خبریں