مُلڪ جي دفاع تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، هر جارحيت جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُلڪ جي دفاع تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، هر جارحيت جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت لاءِ سدائين تيار آهن. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جو …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُلڪ جي دفاع تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، هر جارحيت جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت لاءِ سدائين تيار آهن. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جو اهو عزم آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي امن ۽ تحفظ تي ڌٻو اچڻ نه ڏينداسين، اسان جي هٿياربند فوج ڪنهن به جارحاڻي ارادي کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي ڀرپُور صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جُون هٿياربند فوجُون قومي جذبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيون آهن. پاڪستان جُون هٿياربند فوجون پيشيوراڻين صلاحيتن، اعليٰ تربيت ۽ موثر دفاعي حڪمت عملي سان ليس آهن ۽ ڪنهن به اندرئين يا ٻاهرئين چئلينج کي منهن ڏيڻ جي مُڪمل صلاحيت رکن ٿيون. پاڪستان سدائين امن کي فروغ ڏنو آهي، پر ملڪي سالميت تي ڪوبه ڌٻو اچڻ نه ڏينداسين ۽ پاڪستان جُون هٿياربند فوجون هر جارحيت جو ڄمي مقابلو ڪنديون، پوري قوم پاڪستاني هٿياربند فوج سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

مزید خبریں