اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران زمين تي فساد برپا ڪندڙ بابت سورة المائده جُون آيتون ايڪس تي شيئر

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي سورة المائده جُون آيتون 33 ۽ 34 اردو ۽ انگريزي ترجمي سان شيئر ڪيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير پاران شيئر ڪيل آيتن ۾، الله تعاليٰ فرمائي ٿو (اردو ترجمو): "جيڪي ماڻهو الله ۽ اُن جي رسول سان وڙهندا آهن ۽ زمين ۾ فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندا …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي سورة المائده جُون آيتون 33 ۽ 34 اردو ۽ انگريزي ترجمي سان شيئر ڪيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير پاران شيئر ڪيل آيتن ۾، الله تعاليٰ فرمائي ٿو (اردو ترجمو): "جيڪي ماڻهو الله ۽ اُن جي رسول سان وڙهندا آهن ۽ زمين ۾ فساد پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن جي سزا اها آهي ته انهن کي قتل ڪيو وڃي يا سُولي تي چاڙهيو وڃي يا انهن جا هٿ ۽ پير مخالف طرفن کان ڪٽيا وڃن يا انهن کي زمين تان جلاوطن ڪيو وڃي.” اها ته دنيا ۾ انهن جي ذلت آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. سواءِ انهن جي جيڪي توهان جي ڪامياب ٿيڻ کان اڳ توبه ڪري وٺن، ته ڄاڻي وٺو ته الله بخشڻهار ۽ مهربان آهي.

مزید خبریں