اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني فوج افغان طالبان جي بي سبب جارحيت جو ڀرپُور ۽ اثرائتي انداز ۾ جواب ڏنو. پاڪستاني فوج پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ بهترين مهارت سان مُلڪ جي دفاع کي يقيني بڻايو. افغان طالبان کي جهوري وڌو، جنهن سان اهي غير يقيني صورتحال ۾ مُبتلا ٿي ويا آهن، پاڪستان جو جواب ايترو ته مضبوط …
پاڪستاني فوج جي ڀرپُور جواب افغان طالبان کي جهوري وڌو آهي، جنهن سان اهي غير يقيني صورتحال ۾ مُبتلا ٿي ويا آهن: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني فوج افغان طالبان جي بي سبب جارحيت جو ڀرپُور ۽ اثرائتي انداز ۾ جواب ڏنو. پاڪستاني فوج پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ بهترين مهارت سان مُلڪ جي دفاع کي يقيني بڻايو. افغان طالبان کي جهوري وڌو، جنهن سان اهي غير يقيني صورتحال ۾ مُبتلا ٿي ويا آهن، پاڪستان جو جواب ايترو ته مضبوط هو جو افغان طالبان سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن جو سهارو وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، هڪ عالمي نيوز چينل پڻ افغان طالبان جي جعلي خبرن کي پکيڙڻ جو ذميوار بڻيو، جنهن کي بعد ۾ پنهنجو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪرڻو پيو. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ 72 افغان طالبان مارجي ويا، 120 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ۽ 16 پوسٽون تباهه ۽ 7 پوسٽون تي قبضو ڪيو ويو آهي. انهن ڪارروائين ۾ افغان طالبان جو اسلحي جو هڪ وڏو ڊپو ۽ بٽالين هيڊ ڪوارٽر پڻ تباهه ڪيو ويو آهي. هيستائين، افغان طالبان جُون 36 کان وڌيڪ ٽينڪُون، آرٽلري گنز ۽ آرمرڊ پرسنز ڪيريئرز (اي پي سي) تباهه ڪيُون ويُون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي هوائي فوج افغانستان ۾ قنڌار، ڪابل ۽ پڪتيا ۾ افغان طالبان جي دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي. پاڪستاني هوائي فوج جي ڪارروائين ۾ افغان طالبان رجيم جي قنڌار ۾ ٻن برگيڊ هيڊ ڪوارٽر ۽ ڪابل ۾ هڪ برگيڊ هيڊ ڪوارٽر کي تباهه ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته ملڪ خلاف ڪنهن به جارحيت يا ناپاڪ ارادن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، اسان جي فورسز قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بروقت ۽ دليراڻي ردعمل کي ساراهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو موقف واضح آهي ته افغان سرزمين جو پاڪستان ۾ حملن لاءِ استعمال ٿيڻ ناقابل قبول آهي. افغان سرزمين تي تربيت حاصل ڪندڙ دهشتگرد پاڪستان ۾ دهشتگردي جُون ڪارروايون ڪندا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته اهڙين ڪاررواين يا بنا ڪنهن سبب جي جارحيت جو جواب اهڙي طرح ڏنو ويندو.











