پاڪستان حالتون نارمل رکڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر طالبان هندستان جي پراڪسي بڻجي ويا: خواجه آصف

اسلام آباد _27 فيبروري (اي پي پي ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اسان جو صبر ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي اسان ۽ توهان جي کليل جنگ، پاڪستان جي فوج سمنڊ پار مان ناهي آئي، اسان پاڙيسري آهيون ۽ توهان جي اوقات جي خبر آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دفاع واري وزير خلاجه محمد آصف جو چوڻ هو ته نيٽو جي فوج جي واپسي …

اسلام آباد _27 فيبروري (اي پي پي ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته اسان جو صبر ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي اسان ۽ توهان جي کليل جنگ، پاڪستان جي فوج سمنڊ پار مان ناهي آئي، اسان پاڙيسري آهيون ۽ توهان جي اوقات جي خبر آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دفاع واري وزير خلاجه محمد آصف جو چوڻ هو ته نيٽو جي فوج جي واپسي بعد اها اميد هئي ته افغانستان ۾ امن ٿيندو ۽ طالبان افغان عوام جي مفاد ۽ علائقي ۾ امن جي قيام تي ڌيان ڏيندا، پر طالبان افغانستان کي هندستان جي ڪالوني بڻائي ڇڏيو آهي. سموري دنيا جي دهشتگردن کي افغانستان ۾ گڏ ڪري ورتو آهي ۽ دهشتگردي کي ايڪسپورٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته افغان حڪومت پنهنجي عوام کي بنيادي انساني حقن کان محروم ڪري ڇڏيو . عورتن کي جيڪي حق اسلام ڏنا آهن اهي به کسيا ويا. هن چيو ته پاڪستان سڌي ريت ۽ دوست ملڪن ذريعي حالتون نارمل رکڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، ڀرپور سفارتڪاري ڪئي، پر طالبان هندستان جي پراڪسي بڻجي ويا. اڄ جڏهن پاڪستان کي جارحيت جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان جي فوج هن وقت فيصلائتو جواب ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جو ڪردار مثبت رهيو آهي . 50 لک افغانين جي 50 سالن تائين مهمان نوازي ڪئي . اڄ به اسان جي ڌرتي تي لکن جي انگ ۾ افعان روزي ڪمائي رهيا آهن.

مزید خبریں