راولپنڊي-27 فيبروري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيف آف ايئر اسٽاف چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پاڪستان جي هٿياربند فوج پاران آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا 7 سال مڪمل ٿيڻ تي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي عزم، جرئت ۽ پيشيوراڻي مهارت ۽ قربانين کي ساراهيندي کين خراج تحسين …
آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نيول چيف ۽ ايئر چيف پاران آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا 7 سال مڪمل ٿيڻ تي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي جرئت کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
راولپنڊي-27 فيبروري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيف آف ايئر اسٽاف چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پاڪستان جي هٿياربند فوج پاران آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جا 7 سال مڪمل ٿيڻ تي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي عزم، جرئت ۽ پيشيوراڻي مهارت ۽ قربانين کي ساراهيندي کين خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب 27 فيبروري 2019ع تي شروع ڪيل آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ ڀارت جي جارحيت جي جواب ۾ هڪ اثرائتي ۽ فيصلائتي ڪارروائي هئي جنهن پاڪستان جي عزم کي صاف انداز ۾ واضح ڪيو ته هو پنهنجي خودمختياري جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو. بيان ۾ چيو ويو ته ان آپريشن هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيت، تياري ۽ آپريشنل سرسي کي نمايان ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو خاتمو ٿيو ۽ خطي ۾ توازن بحال ٿيو. فيلڊ مارشل ۽ سروسز چيفس ان موقعي تي قومي سلامتي ۽ علائقائي امن لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هي قسم جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي. هنن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته پاڪ فوج ملڪ جي دفاع کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ عالمي امن ۽ استحڪام ۾ به فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي.











