اسلام آباد _27 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني افغان سرحد تي تازي جارحيت جو وقت سر ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ جي سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين چيو ته وطن جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو . هن چيو ته سرحدي ڀڃڪڙي جو منهن ٽوڙ ۽ فيصلائتو …
سينيٽ چيئرمين پاران افغان جارحيت جو وقت سر ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد _27 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني افغان سرحد تي تازي جارحيت جو وقت سر ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سينيٽ جي سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين چيو ته وطن جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو . هن چيو ته سرحدي ڀڃڪڙي جو منهن ٽوڙ ۽ فيصلائتو جواب ڏئي ڪري سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيت، تياري ۽ عزم جو عملي مظاهرو ڪيو آهي جيڪو سموري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي . سيد يوسف رضا گيلاني واضح ڪيو ته قومي سلامتي کي للڪاريندڙن کي هر سطح تي ڀرپور جواب ڏنو ويندو . پاڪ فوج ملڪ جي هڪ هڪ انچ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ ڪنهن به قسم جي جارحاڻي ارادن کي مٽي ۾ ملائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي . سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ فوج ۽ عوام گڏ آهي ۽ سموري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي . هن ان عزم جو ورجاءِ ڪيو ته پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ۽ مضبوط هٿن ۾ آهي، ملڪ جي سلامتي خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏنو ويندو.











