اسلام آباد _27 فيبروري (اي پي پي ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ – افغان سرحد تي افغانستان طرفان جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان خلاف فوري ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪ فوج جو افغان طالبان رجيم جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي خلاف آپريشن غضب الحق سٺو سنئوڻ آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪ – افغان سرحد تي افغانستان جي جارحيت جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد _27 فيبروري (اي پي پي ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪ – افغان سرحد تي افغانستان طرفان جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان خلاف فوري ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪ فوج جو افغان طالبان رجيم جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائي خلاف آپريشن غضب الحق سٺو سنئوڻ آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر علائقائي سالميت کي برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءَ ڪندي چيو ته افغانستان ڀارت جو پراڪسي بڻجي ويو آهي ۽ خطي جي امن کي غير مستحڪم ڪري رهيو آهي. افغانستان ڀارت جي مرضي تي پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروائيون ڪري رهيو آهي. رات جي اونڌاهي ۾ پاڪستاني چوڪين تي حملا انتهائي افسوس جوڳا ۽ بزدلاڻو فعل آهن. قومي خود مختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ سموري قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. پاڪ فوج ڪنهن به قسم جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. قوم کي پنهنجي بهادر ۽ جرئت مند فوج تي فخر آهي . افغان دهشتگردن جو محفوظ ٺڪاڻو بڻيل آهي. گڏيل قومن سميت ٻين عالمي ادارن افغانستان کي دهشتگرد ملڪ قرار ڏنو آهي. پاڪستان هميشه صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پاڪستان جي صبر ۽ برداشت کي ڪا ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. الله تعالى جي فضل سان پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين فوجن ۾ شامل آهي. پاڪ فوج وطن جو دفاع ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام شيهي واري ديوار جي وانگر پنهنجي هٿيار بند فوج سان گڏ بيٺل آهي.











