اسلام آباد _ 27 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان رجيم جي شديد فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. افغان طالبان ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي سان سمورا ڪواڊ ڪاپٽرز ڪيرايا ويا. افغان رجيم جي 22 اهلڪارن جي مارجڻ جو اطلاع آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق …
پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان رجيم جي شديد فائرنگ جو ڀرپور جواب

مزید خبریں
اسلام آباد _ 27 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان رجيم جي شديد فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. افغان طالبان ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملي جي ناڪام ڪوشش ڪئي، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي سان سمورا ڪواڊ ڪاپٽرز ڪيرايا ويا. افغان رجيم جي 22 اهلڪارن جي مارجڻ جو اطلاع آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق افغان طالبان رجيم جي پاڪ افغان سرحد تي شديد فائرنگ جي جواب ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان ننڍن ۽ وڏن هٿيارن ذريعي گولا باري جاري آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز طرفان هوائي ڊرونز ذريعي به چونڊي چونڊي افغان طالبان رجيم جي پوسٽن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان پاران ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون دعوائون ۽ فيڪ ويڊيوز جاري ڪيو پيون وڃن.











