اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب افغانستان طرفان پاڪستان تي بنا جواز جي حملي جي مذمت ڪندي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ ناڻي واري وزير رات جي اونڌاهي ۾ ڪيل حملن کي بزدلاڻو قرار ڏنو. ناڻي واري وزير افغانستان جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي هٿياربند …
ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاران افغانستان طرفان پاڪستان تي بنا جواز حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب افغانستان طرفان پاڪستان تي بنا جواز جي حملي جي مذمت ڪندي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ ناڻي واري وزير رات جي اونڌاهي ۾ ڪيل حملن کي بزدلاڻو قرار ڏنو. ناڻي واري وزير افغانستان جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي هٿياربند فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪي دفاع هر پاڪستاني جي اولين ترجيح آهي، ملڪي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ملڪ جي امن ۽ سلامتي ڪا به رهڙ اچڻ نه ڏينداسين، افغان جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.











