سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان طرفان خيبرپختونخوا ۾ چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين جو ڀرپور جواب ڏنو: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد _ 27 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته افغان طالبان طرفان خيبرپختونخوا ۾ سرحدي حدن جي مختلف هنڌن تي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائيون ڪيون ويون، جن جي جواب ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀرپور جواب ڏنو. گذريل ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جي علائقن چترال، خيبر، مهمند، ڪرم ۽ باوجوڙ سيڪٽرز …

اسلام آباد _ 27 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته افغان طالبان طرفان خيبرپختونخوا ۾ سرحدي حدن جي مختلف هنڌن تي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائيون ڪيون ويون، جن جي جواب ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀرپور جواب ڏنو. گذريل ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جي علائقن چترال، خيبر، مهمند، ڪرم ۽ باوجوڙ سيڪٽرز ۾ دشمن جي اڳرائي کي ناڪام بڻائيندي کين وڏو نقصان پهچايو ويو. شروعاتي اطلاع مطابق مخالف ڌر کي جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو جڏهن ته ڪيتريون ئي چوڪيون ۽ عسڪري سامان تباهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي علائقائي سالميت، خود مختياري ۽ شهرين جي تحفظ تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو، هر قسم جي جارحيت جو فوري، اثرائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پاڪستان پر امن گڏيل بقاءَ تي يقين  رکي ٿو، پر قومي سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو.

مزید خبریں