اسلام آباد _27 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي افغان طالبان رجيم طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ تي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي ته بزدل دشمن رات جي اونڌاهي ۾ وار ڪيو، افغان طالبان جي کليل جارحيت تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته افغان طالبان معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ناپاڪ …
افغان طالبان جي کليل جارحيت تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي: وفاقي گهرو وزير

مزید خبریں
اسلام آباد _27 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي افغان طالبان رجيم طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ تي ڀرپور مذمت ڪندي چيو آهي ته بزدل دشمن رات جي اونڌاهي ۾ وار ڪيو، افغان طالبان جي کليل جارحيت تي پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته افغان طالبان معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي. افغان طالبان جي جارحيت برداشت جوڳي ناهي. پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ هر وقت الرٽ آهي. قوم هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. افغان طالبان حملو ڪري سنگين غلطي ڪئي. سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. اسان پنهنجي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين.











