زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز جو وڏو آپريشن، فتنه الخوارج جا وڌيڪ 10 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-26 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي زوب ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪندي ڀارت جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ وڌيڪ 10 خوارجين کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب اها ڪارروائي 24 فيبروري تي ٿيل ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪئي وئي. 25 فيبروري تي سيڪيورٽي فورسز زوب جي مختلف علائقن ۾ روپوش دهشتگردن جي تلاش لاءِ جامع …

راولپنڊي-26 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي زوب ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪندي ڀارت جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ وڌيڪ 10 خوارجين کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب اها ڪارروائي 24 فيبروري تي ٿيل ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪئي وئي. 25 فيبروري تي سيڪيورٽي فورسز زوب جي مختلف علائقن ۾ روپوش دهشتگردن جي تلاش لاءِ جامع سرچ اينڊ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز مختلف رستن تي فرار ٿيل خوارجين جو پتو لڳائڻ ۽ سندن ٺڪاڻن کي گهيري ۾ وٺي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو. ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي اسپانسرڊ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 10 دهشتگرد ماريا ويا. مارجي ويل خوارجين جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گوله بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو. اهي دهشتگرد علائقي ۾ تخريبڪاري ۽ دهشتگرديءَ جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن اڃا تائين جاري آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي اپيڪس ڪميٽيءَ جي منظور ڪيل ويزن عزم استحڪام تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي سرپرستيءَ ۾ پلجندڙ دهشتگرديءَ جي لعنت کي پاڙؤن پٽڻ لاءِ پوري قوت سان سرگرم عمل آهن.

مزید خبریں