اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان گورننس فورم جو بندوبست ڪرڻ سٺو قدم آهي، گورننس فورم معاشي ۽ اقتصادي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي اهم چئلينجز آهن، موسمياتي تبديلي سان ايندڙ نقصانن کان بچڻ اڻٽر آهي، آباديءَ جي غير معمولي واڌ خوراڪ جهڙا چئلينج پيدا ڪري رهي …
پاڪستان گورننس فورم معاشي ۽ اقتصادي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته پاڪستان گورننس فورم جو بندوبست ڪرڻ سٺو قدم آهي، گورننس فورم معاشي ۽ اقتصادي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، موسمياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي اهم چئلينجز آهن، موسمياتي تبديلي سان ايندڙ نقصانن کان بچڻ اڻٽر آهي، آباديءَ جي غير معمولي واڌ خوراڪ جهڙا چئلينج پيدا ڪري رهي آهي، حڪومت درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهي، معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ روانگي واپار ۾ واڌ يقيني بڻائي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪستان گورننس فورم 2026ع کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي زوير چيو ته قدرتي آفتن خاص ڪري ٻوڏ سبب اسان جا فصل تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ سڀ کان وڌيڪ نقصان غريب آبادگارن کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ غريب ماڻهو جيڪو ٺيڪي تي زمينداري ڪري ٿو جڏهن سندس زمين 7 کان 8 فوٽ پاڻي ۾ ٻُڏي وڃي ٿي ۽ جڏهن 4 مهينن پاڻي لهي وڃي ٿو ته ان وٽ ٻيهر ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪرڻ لاءِ وسيلا موجود ناهن هوندا. جيڪو فصل ايندڙ ڪجهه مهينن کانپوءِ خرچ پورا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ها اها به وهي وڃي ٿي. هن چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان مجموعي قومي پيداوار جو تقريبن 9.8 سيڪڙو تائين پهچي وڃي ٿو ۽ اهي وسيلا صرف نقصانن جي ازالي تي خرچ ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته تازين آفتن ۾ هزارين جانيون ضايع ٿيون، 20 هزار ماڻهو زخمي ٿيا، تعليمي سرگرميون متاثر ٿيون ۽ غربت جي لڪير مان نڪرڻ وارا ماڻهو ٻيهر غربت ۾ هليا ويا. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته قدرتي آفتن کي روڪي نٿو سگهجي پر ان جي اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي ٿي، خاص ڪري انهن طبقن جي تحفظ لاءِ جيڪي سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ آهن، جن ۾ غريب خاندان، والدين ۽ گهٽ عمر جا ٻار شامل آهن. هن چيو ته شروعاتي وارننگ سسٽمز، حفاظتي بندوبست ۽ گليشيئرز بابت قدمن کي ان روشنيءَ ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪاربن جي نيڪال سبب گرمي پد ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن جا اثر اسان جهڙن ملڪن کي به ڀوڳڻا پوندا آهن. گرمي پد ۾ واڌ سان گليشيئرز پگهرجڻ، دريائن ۽ ندين ۽ نالن ۾ پاڻيءَ جي گنجائش گهٽ ٿي ويندي ۽ ٻوڏ اچي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سانوڻي جي پيٽرن ۾ تبديلي، سخت برساتن، ٽورينشنل فلڊز، دريائي ٻوڏ، سامونڊي طوفان ۽ شهري علائقن ۾ گهڻي تعميرات سبب هيٽ ويوز جهڙا مسئلا شدت اختيار ڪري رهيا آهن. مصدق ملڪ چيو ته مختلف قسمن جي آفتن جو طريقيڪار ڌار ڌار آهي ۽ انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ماهرن ۽ـ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جا اثر اسان جي روزمره جي زندگي ۾ نمايان ٿي چڪا آهن ۽ ماحول ۾ ايندڙ تبديليون مستقبل لاءِ سنگين چئلينج جي صورت اختيار ڪري رهيون آهن.











