ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي جديد بڻائڻ لاءِ حڪومت وسيع پيماني تي سڌارا ڪري رهي آهي: وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي جديد بڻائڻ لاءِ حڪومت وسيع پيماني تي سڌارا ڪري رهي آهي، جن ۾ بندرگاهن جي واڌ، جهازراني جي جديد ڪاري، گوادر پورٽ کي فعال ڪرڻ، فيري سروسز جي شروعات، ميري ٽائيم يونيورسٽي جي اداره جاتي سڌارن ۽ اپ گريڊيشن شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي …

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي جديد بڻائڻ لاءِ حڪومت وسيع پيماني تي سڌارا ڪري رهي آهي، جن ۾ بندرگاهن جي واڌ، جهازراني جي جديد ڪاري، گوادر پورٽ کي فعال ڪرڻ، فيري سروسز جي شروعات، ميري ٽائيم يونيورسٽي جي اداره جاتي سڌارن ۽ اپ گريڊيشن شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي خاص انٽرويو ۾ ڪيو. وفاقي وزير چيو ته تمام جلد پاڪستان ميري ٽائيم اڪيڊمي کي ڊگري ڏيڻ واري يونيورسٽيءَ ۾ اپ گريڊ ڪيو ويندو جنهن جي رنگ روغن لاءِ هڪ ارب رپيا خاص طور تي رکيا ويا آهن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ هڪ چارٽر لاءِ هائر ايجوڪيشن ڪميشن سان رابطو ڪيو ويو آهي. جنيد انوار چيو ته شڪايت سيل، مصنوعي ذهانت کي لاڳو ڪرڻ، تربيتي پروگرام ۽ سي ٽو اسٽيل پروجيڪٽ جهڙن قدمن سان شفافيت، ڪارڪردگي، صنعت جي ترقي ۽ روزگار کي هٿي ملندي. هن چيو ته نَون سڌارن تحت هڪ شڪايت سيل جي جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي جنهن سان شهرين کي ميري ٽائيم آپريشنز، پورٽ مينيجمينٽ ۽ شپنگ پاليسين تي شڪايتون ۽ تجويزون داخل ڪرڻ ۾ سهولت ميسر ٿيندي. هن چيو ته شڪايتن کي 10 ڏينهن اندر حل ڪيو ويندو. هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد شفافيت، احتساب ۽ ڌُرين جي شموليت کي مضبوط بنائڻ آهي. وفاقي وزير بندرگاهن جي ترقيءَ لاءِ نوجوانن جي آئيڊياز کي ترجيح ڏيڻ، ڪاروباري ماڻهن ۽ ايس ايم ايز جي حوصله افزائي ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن مان روڊ ۽ ريل رابطا مڪمل هئڻ جي ويجهو آهن، هڪ ڀيرو  رابطن جي منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ گوادر مڪمل طور تي آپريشنل ٿي ويندو. هن آمدني واپار کي گهٽ ڪرڻ، گهريلو مينيوفيڪچرنگ کي هٿي ڏيڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ذخيرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بندرگاهه جي بنيادي ڍانچي کي اسٽيل جي پيداوار ۽ جهازن جي ري سائيڪلنگ سان ڳنڍجندي سي ٽو اسٽيل قدمن جو خاڪو به پيش ڪيو. هن چيو ته فزيبلٽي اسٽيڊي ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندي جنهن سان پيداوار جي راهه هموار ٿي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر سان صنعت ۾ شپ بريڪنگ مٽيريل جي استعمال جي حوالي سان تجويزون شيئر ڪيون ويون آهن، حڪومت جي ميري ٽائيم سينچري سال (2047ع-2147ع) جي فريم ورڪ جو خاڪو پيش ڪندي وفاقي وزير چيو ته ايندڙ 100 سالن ۾ 3 نوان اونها سامونڊي بندرگاهه بنائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ جهازراني جي ٻيڙي جي جديد ڪاري، جهاز سازي ۽ ري سائيڪلنگ جي سهولتن، گرين ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ شامل آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت کي ايندڙ سال تائين پورٽ آپريشنز ۾ آندو ويندو ته جيئن ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ ٿي سگهي. فيري سروسز جي حوالي سان وفاقي وزير ٻُڌايو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪو فيري سروسز لائسنس جاري ناهي ڪيو ويو، هن حڪومت پهريون لائسنس جاري ڪيو آهي، اڃا وڌيڪ درخواستون غور هيٺ آهن جلد وڌيڪ لائسنسز جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ هڪ جديد ترين ٽرمينل قائم ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه عراق، ايران ۽ ابوظهبي لاءِ خدمتون شروع ڪرڻ جا منصوبا به جاري آهن. هن چيو ته وزارت ماضيءَ ۾ تمام گهڻن چئلينجز کي مُنهن ڏنو جڏهن ته گهڻن مسئلن کي حل ڪيو ويو آهي. ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ هن ٻُڌايو ته ميري ٽائيم اسٽاف لاءِ سيمينارز ۽ ٽريننگ سيشنز جو اهتمام ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ماهيگيري جي ٽريننگ مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ هال کي باقاعده طور تي وقف ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ماهيگيري جي ٻارن کي ماهيگيري جي جديد طريقن جي تربيت پڻ ڏني پئي وڃي ته جيئن معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي.

مزید خبریں