اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف تائين برابر ۽ باوقار پهچ رياست جي آئيني ذميداري آهي ۽ عدليه ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ بار سان گڏجي جامع ۽ جٽادار سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب هن گذريل ڏينهن بار جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ليگل …
انصاف تائين برابر ۽ باوقار پهچ رياست جي آئيني ذميداري آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف تائين برابر ۽ باوقار پهچ رياست جي آئيني ذميداري آهي ۽ عدليه ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ بار سان گڏجي جامع ۽ جٽادار سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب هن گذريل ڏينهن بار جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ليگل امپاورمينٽ ڪميٽيون (DLECs) کي اثرائتو بنائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن عام شهري خاص ڪري عورتن ۽ ڪمزور طبقن کي فوري ۽ معياري قانوني رهنمائي فراهم ڪري سگهجي. چيف جسٽس ٻُڌايو ته 26-2025ع جي سڌارن واري پروگرام تحت عدالتي عمارتن جي سولرائزيشن، اي لائبريرين جي قيام، عورتن لاءِ سهولتي مرڪزن جي قيام ۽ صاف پاڻيءَ جي فراهمي جهڙن منصوبن لاءِ سڄي ملڪ ۾ فنڊز رکيا ويا آهن جن مان بينچ ۽ بار ٻئي فائدو ماڻيندا. سندس چوڻ هو ته ايندڙ مالي سال ۾ وومين فيسيليٽيشن سينٽرز جي اپ گريڊيشن کي ترجيح ڏني ويندي جڏهن ته بار ڪائونسلز کي مفت قانوني مدد کي مربوط نظام تحت ضلعي ڪميٽين سان ڳنڍيو ويندو، ان مقصد لاءِ سپريم ڪورٽ هڪ خاص هيلپ لائن پڻ قائم ڪئي ويندي جتي نامزد پروبونو وڪيل شهرين کي قانوني صلاح مشورا فراهم ڪندا. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته نوجوان وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت لاءِ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي انتظام هيٺ آن لائن بار ووڪيشنل ڪورس متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن قانوني پيشي ۾ مهارت، معيار ۽ عوامي اعتماد کي هٿي ڏئي سگهجي.











