وزيراعظم شهباز شريف پاران ضلعي زوب ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري …

اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں