اسلام آباد - 26 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چمن جي علائقي طورپل ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سبب ٻارن سميت قيمتي جانين جي زيان تي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلنديءَ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ …
صدر آصف علي زرداري پاران چمن جي علائقي طورپل ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سبب ٻارن سميت قيمتي جانين جي زيان تي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چمن جي علائقي طورپل ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سبب ٻارن سميت قيمتي جانين جي زيان تي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلنديءَ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اهڙن افسوسناڪ واقعن جي روڪٿام جي لاءِ هڪ موثر ۽ فعال ريگيوليٽري نظام قائم ڪرڻ لازمي آهي.











