اسلام آباد - 26 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت سمجهوتا ايڪسپريس دهشتگرد حملي جي ذميوارن کي آزاد ڪرڻ جي شديد مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سمجهوتا ايڪسپريس دهشتگرد حملي جي 19هين ورسيءَ جي حوالي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته 18 فيبروري 2007ع تي ڀارت جي سرزمين تي لاهور ايندڙ سمجهوتا ايڪسپريس ٽرين تي ٿيندڙ افسوسناڪ دهشتگرد حملي …
پاڪستان حڪومت پاران سمجهوتا ايڪسپريس دهشتگرد حملي جي ذميوارن کي آزاد ڪرڻ جي شديد مذمت، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت سمجهوتا ايڪسپريس دهشتگرد حملي جي ذميوارن کي آزاد ڪرڻ جي شديد مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سمجهوتا ايڪسپريس دهشتگرد حملي جي 19هين ورسيءَ جي حوالي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته 18 فيبروري 2007ع تي ڀارت جي سرزمين تي لاهور ايندڙ سمجهوتا ايڪسپريس ٽرين تي ٿيندڙ افسوسناڪ دهشتگرد حملي کي 19 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان حملي ۾ 68 بيگناهه مسافر مارجي ويا جن ۾ 44 پاڪستاني شهري به شامل هئا. هن چيو ته اسان ڀارتي حڪومت پاران پاڪستاني شهرين جي گهرڀاتين جي خراب حالت جي حوالي سان بي حسي ۽ لاپرواهي تي شديد مايوسي جو اظهار ڪريون ٿا، جيڪي 19 سال گذري وڃڻ جي باوجود انصاف جا منتظر آهن، اهو بي حس رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته ڀارت پنهنجي سرزمين تي بيگناهه شهرين سميت پاڪستانين ۽ ٻين جي خلاف ڪيل ان ڪڌي دهشتگرد حملي ۾ سرڪاري ۽ سياسي سطح تي مددگار ۽ شريڪ رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت چئني جوابدارن سوامي اسيمانند (جنهن پاڻ کي ان ڪڌي حملي جو ماسٽر مائنڊ هجڻ جو عوامي طور تي اعتراف ڪيو هو)، ليفٽيننٽ ڪرنل روهت (جيڪو ڀارتي فوج جو حاضر سروس آفيسر هو) ۽ سادهوي پراگيا سنگهه ٺاڪر، کي شرمناڪ طور تي آزاد ۽ بيگناهه قرار ڏيڻ جي شديد مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي آهي ته هندوتوا انتهاپسندي ۽ ”زعفراني دهشتگردي“ جنهن 19 سال اڳ ان غيرانساني حملي کي جنم ڏنو هو، موجوده ڀارتي حڪومت جي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت مطالبو ڪري ٿي ته ان ڪيس جو منصفاڻو ٽرائل ڪيو وڃي ۽ سمجهوتا ايڪسپريس دهشتگرد حملي جي ذميوارن ۽ مددگارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، هندوتوا کان متاثر انتهاپسندن جي هٿان بي رحمي سان قتل ڪيل بيگناهه پاڪستاني شهرين جا گهرڀاتي انصاف جا حقدار آهن. هن چيو ته ڀارت معمول موجب پاڪستان جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪندو رهي ٿو جنهن ۾ دهشتگردي جي بيانيي جو غلط استعمال پڻ شامل آهي، ان پس منظر ۾ سمجهوتا دهشتگرد حملي جي ذميوارن کي منظم انداز ۾ آزاد ڪرڻ ڀارت جي ٻٽي معيار ۽ پاڪستان جي خلاف رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي جو هڪ ٻيو مثال آهي.











