ڪمرشل بئنڪن جون برانچون سرڪاري ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز جي وصوليءَ لاءِ ڇنڇر ڏينهن به کليل رهنديون: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) ٽيڪس ڏيندڙن کي سرڪاري ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز جي اوور دي ڪائونٽر ادائگيءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي درخواست تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته سمورين ڪمرشل بئنڪن جو اهي برانچون (خاص ڪري ڪسٽم وصولي جي معاملا ڏسڻ واري نيشنل بئنڪن جون برانچون) جيڪي ڇنڇر ڏينهن کُليل رهن ٿيون، اهي ڇنڇر 28 فيبروري تي صبح …

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) ٽيڪس ڏيندڙن کي سرڪاري ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز جي اوور دي ڪائونٽر ادائگيءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي درخواست تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته سمورين ڪمرشل بئنڪن جو اهي برانچون (خاص ڪري ڪسٽم وصولي جي معاملا ڏسڻ واري نيشنل بئنڪن جون برانچون) جيڪي ڇنڇر ڏينهن کُليل رهن ٿيون، اهي ڇنڇر 28 فيبروري تي صبح 9 وڳي کان ٻنپهر هڪ وڳي تائين کليل رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب بئنڪن کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي لاڳاپيل برانچون 28 فيبروري تي ان وقت تائين کُليل رکن جيستائين نفٽ ذريعي سرڪاري ٽرانزيڪشن جي خاص ڪليئرنگ ۾ سهولت لاءِ ضروري هجي. ٻي طرف بئنڪن کي اها ڳالهه به خاطري بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته آن لائن ادائگي جي پنهنجي چينل يعني انٽرنيٽ بئنڪاري، موبائل ايپ، اي ٽي ايم ۽ ٻي ڊجيٽل پليٽ فارم بنا رنڊڪ دستياب رکن ته جيئن سرڪاري ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي آن لائن ادائگيءَ ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولت ڏئي سگهجي.

مزید خبریں