اسلام آباد - 26 فيبروري (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي 38 ارب رپين سان ملڪ جي سڀ کان وڏي رمضان پئڪيج تحت 12.1 ملين مستحق خاندانن کي 13 هزار رپيا في خاندان جي حساب سان امدادي رقم ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي ورهائي پئي وڃي، 64 سيڪڙو مستحقين کي امدادي رقم منتقل ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي صدارت ۾ وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع جي …
وفاقي حڪومت جي 38 ارب رپين سان ملڪ جي سڀ کان وڏي رمضان پئڪيج تحت 12.1 ملين مستحق خاندانن کي 13 هزار رپيا في خاندان جي حساب سان امدادي رقم ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي ورهائي پئي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي 38 ارب رپين سان ملڪ جي سڀ کان وڏي رمضان پئڪيج تحت 12.1 ملين مستحق خاندانن کي 13 هزار رپيا في خاندان جي حساب سان امدادي رقم ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي ورهائي پئي وڃي، 64 سيڪڙو مستحقين کي امدادي رقم منتقل ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي صدارت ۾ وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ منعقد جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گذريل سال جي 5 هزار رپين جي امدادي رقم کي وڌائي 13 هزار رپيا في خاندان ڪيو ويو آهي ته جيئن مستحق ماڻهن جي رمضان جي برڪتن واري مهيني ۾ مناسب مالي مدد ٿي سگهي. هن چيو ته هي ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ جامع رمضان ريليف پئڪيج آهي، گذريل سال جي ڪامياب تجربي کانپوءِ وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع جي ورڇ به انهي شفاف ڊيجيٽل نظام جي ذريعي ڪئي پئي وڃي، ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي روڪ مالي مدد مستحق ماڻهن تائين پهچائي پئي وڃي. هن رمضان پئڪيج جي لاءِ ڪم ڪندڙ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي مستحق ماڻهن کي رقم جي فراهمي هڪ انتهائي شفاف ۽ آسان ڊيجيٽل نظام تحت ڪئي پئي وڃي جنهن سان ماڻهن کي ڊگهي قطارن مان ڇوٽڪارو مليو آهي ۽ انهن جي عزت نفس به مجروح نه ٿي ٿئي. اجلاس ۾ پي ايم رمضان ريليف پئڪيج 2026ع تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن سال 8 رمضان المبارڪ تائين 64 سيڪڙو مستحق ماڻهن تائين رقم پهچائي وئي آهي، وڌيڪ مستحق ماڻهن کي رقم جي ادائيگي جي لاءِ تصديق ۽ ڇنڊڇاڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي. هن سال 12 بئنڪون ۽ فنانشل ٽيڪنالاجيز جون ڪمپيون رقم جي ورڇ ۾ حڪومت جون حصيدار آهن. بريفنگ موجب رمضان پئڪيج ۾ شامل مستحقين هيستائين 1.1 ملين ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن ڪري چڪا آهن جڏهن ته پي ايم رمضان پئڪيج جي آگاهي جي حوالي سان مستحق ماڻهن کي هيستائين 12 لک 27 کان وڌيڪ خودڪار ڪالز ڪيون ويون آهن، رمضان پئڪيج جو دائرو پوري ملڪ بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پڻ ڦهلايو ويو آهي. ڊيجيٽل والٽس ڊيٽا تي ٻڌل مالي نظام جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. ريئل ٽائيم ڊيش بورڊز جي ذريعي ادائيگين جي اپ ڊيٽ جي ذريعي شفافيت يقيني بڻائي پئي وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ايم رمضان پئڪيج جي حوالي سان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڀرپور آگاهي مهم پڻ هلائي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.











