روم- 26 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ غير قانوني لڏپلاڻ جي روڪٿام لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي روم ۾ اٽلي ۽ اسپين جي گهرو وزيرن ۽ يونان جي اميگريشن واري وزير سان اهم 4 ملڪي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ انساني اسمگلنگ ۽ غير قانوني لڏپلاڻ جي خاتمي لاءِ پائيدار فيصلا ڪيا ويا . گهرو وزارت مطابق اٽلي، …
پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ غير قانوني لڏپلاڻ جي روڪٿام لاءِ اهم اڳڀرائي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي روم ۾ اٽلي ۽ اسپين جي گهرو وزيرن ۽ يونان جي اميگريشن واري وزير سميت 4 ملڪي ڪانفرنس ۾ شرڪت

مزید خبریں
روم- 26 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ غير قانوني لڏپلاڻ جي روڪٿام لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي روم ۾ اٽلي ۽ اسپين جي گهرو وزيرن ۽ يونان جي اميگريشن واري وزير سان اهم 4 ملڪي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ انساني اسمگلنگ ۽ غير قانوني لڏپلاڻ جي خاتمي لاءِ پائيدار فيصلا ڪيا ويا . گهرو وزارت مطابق اٽلي، اسپين ۽ يونان غير قانوني لڏپلاڻ ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ تي پاڪستان جي ڪوششن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو . گهرو وزير محسن نقوي جي تجويز تي ٽنهي يورپي ملڪن اتفاق ڪيو ته غير قانوني رستن بدران قانوني طريقڪار کي هٿي ڏئي انساني اسمگلنگ جو خاتمو ڪيو ويندو . چئني ملڪن غير قانوني لڏپلاڻ، انساني اسمگلنگ ۽ منشيات خلاف هڪ جامع حڪمت عملي ۽ گڏيل پاليسي فريم ورڪ اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو . ملاقات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي يورپ کان پاڪستان واپس آندو ويندو جتي سندن خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي. اٽلي جي گهرو وزير ۽ اسپين جي گهرو وزير محسن نقوي جي قيادت ۾ پاڪستاني ادارن جي مثالي قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن. يورپي يونين ذريعي پاڪستان جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جو به يقين ڏياريو ويو . گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته يورپ غير قانوني لڏپلاڻ سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي . ان چئلينج جو خاتمو صرف هڪ گڏيل ۽ موثر مڪينزم ذريعي ئي ممڪن آهي. اسان مافيا کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن . ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئني ملڪن جو ايندڙ اجلاس هلندڙ سال پاڪستان ۾ منعقد ٿيندو . فوري رد عمل جي نظام (Rapid Response System) کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو. ٻطرفي سهڪار ۽ ڪوآرڊينيشن کي هيٺين سطح تائين بهتر ڪيو ويندو . ان اهم ملاقات ۾ پاڪستاني سفير علي جاويد ، ڊي جي ايف آءِ اي ڊاڪٽر عثمان انور ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا.











