سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ چولستان يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز ۾ معاھدو

حيدرآباد-25 فيبروري (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ چولستان يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز وچ ۾ لائيو اسٽاڪ شعبي جي واڌاري ۽ چوپائي مال جي ناياب نسلن جي افزائش کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ معاھدو ٿيو آهي، ٻنھي ادان جي وائيس چانسلرن معاھدي تي صحيحيون ڪيون. سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ چولستان يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز بھاولپور وچ ۾ چوپائي مال جي نسلن ان مان حاصل ٿيندڙ پيداوار جي اضافي لاءِ سنڌ زرعي …

حيدرآباد-25 فيبروري (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ چولستان يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز وچ ۾ لائيو اسٽاڪ شعبي جي واڌاري ۽ چوپائي مال جي ناياب نسلن جي افزائش کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ معاھدو ٿيو آهي، ٻنھي ادان جي وائيس چانسلرن معاھدي تي صحيحيون ڪيون. سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ چولستان يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز بھاولپور وچ ۾ چوپائي مال جي نسلن ان مان حاصل ٿيندڙ پيداوار جي اضافي لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سينيٽ ھال ۾ معاھدي تي صحيحيون ڪرڻ واري تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ۽ چولستان يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز بھاولپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مظھر اياز گڏيل معاھدي تي صحيحيون ڪيون،

ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال خطاب ڪندي چيو تہ چوپائي مال جي پرڏيھي نسل کي وڌائڻ بجاءِ ھن خطي جي ناياب نسل جي جانورن جي واڌاري لاءِ ڪوشش وٺڻ گھرجي، جنھن لاءِ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ تحقيقي ڪم کي ھٿي ڏيارڻ لازمي آھي انھي سلسلي ۾ چولستان يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز يونيورسٽي بھاولپور سان معاھدو ڪري رھيا آھيون، ھن چيو تہ سنڌ زرعي يونيورسٽي آرٽيفيشل انسيمينيشن (مصنوعي طريقي ٻج رکڻ) جي سکيا لاءِ تربيتي ورڪشاپ منقعد ڪري رھي آھي، جڏھن تہ نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جلد لائيواسٽاڪ ۽ پولٽري شعبي ڊپلومه ڪورسز شروع ڪيا ويندا. ان موقعي تي چولستان يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز بھاولپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد مظھر اياز خطاب ڪندي چيو ته تحقيق وسيلي دنيا ليول تي پنھنجي مقامي ۽ ڀلوڙ نسلن جي بريڊنگ ۾ اضافو آڻڻ چاھيون ٿا. ھن چيو انسان جي روزمره جي زندگي ۾ لائيو اسٽاڪ جو وڏو ڪردار آھي کير ۽ گوشت جي کپت جو پورائو آڻڻ لاءِ تحقيقاتي ڪم کي اڳتي وڌائڻو پوندو. ھن چيو تہ ڄاڻ جي مٽا سٽا، ٻنھي ادارن جي شاگردن ۽ استادن کي تربيت ڏيڻ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سان معاھدو ڪري رھيا آھيون. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر ظھير احمد نظاماڻي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر پڻ موجود ھئا.