موئن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ تي سياحن لاءِ گرين بيلٽ پارڪ جو تعميراتي ڪم شروع ٿي ويو

لاڙڪاڻو/ڏوڪري - 26 فيبروري( اي پي پي) موئن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ تي سياحن لاءِ گرين بيلٽ پارڪ جو تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ  لاڙڪاڻو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين اعجاز علي لغاري ۽ پ پ تعلقه صدر منير احمد سوهو تعمير ٿيندڙ پارڪ جو معائنو ڪرڻ لاءِ اتي پهتا، ضلعي لاڙڪاڻي ڪائونسل جي چيئرمين اعجاز علي لغاري ھلندڙ ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ٺيڪيدار کي هدايتون ڏنيون ته …

لاڙڪاڻو/ڏوڪري – 26 فيبروري( اي پي پي) موئن جو دڙو ايئرپورٽ روڊ تي سياحن لاءِ گرين بيلٽ پارڪ جو تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ  لاڙڪاڻو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين اعجاز علي لغاري ۽ پ پ تعلقه صدر منير احمد سوهو تعمير ٿيندڙ پارڪ جو معائنو ڪرڻ لاءِ اتي پهتا، ضلعي لاڙڪاڻي ڪائونسل جي چيئرمين اعجاز علي لغاري ھلندڙ ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ٺيڪيدار کي هدايتون ڏنيون ته گرين بيلٽ پارڪ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز علي لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گرين بيلٽ پارڪ جو ڪم تيزي سان جاري آهي جنهن سبب موئن جي دڙي جي لڳ گرين بيلٽ پارڪ جي تعمير نه صرف علائقي جي سونهن ۾ اضافو ڪندي پر سياحت، ماحولياتي سڌاري ۽ عوامي سهولتن کي به نئون ڏيک ڏيندي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ يوسي وڪڙو جو صدر انجنيئر وقار علي سومرو ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.