لاڙڪاڻو  ضلعي ۾ پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروايون، 34 ڄڻا گرفتار، منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ

لاڙڪاڻو - 26 فيبروري (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري جي هدايتن مطابق ضلعي پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن . ان سلسلي ۾ مختلف ھنڌن تان 34 ملزم گرفتار ڪيا ويا آهن. گرفتار ملزم قتل، ڌاڙن، چوري ۽ منشيات فروشي جهڙن سنگين نوعيت جي ڏوھن ۾ ملوث آهن. ملزمن وٽان هٿيار، منشيات، قيمتي موبائل فونز، لوھ جا پائپ، مختلف قسمن جون چاٻيون ۽ ٻيو چوري ٿيل سامان ھٿ ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تعلقي پوليس قمبر روڊ واري …

لاڙڪاڻو – 26 فيبروري (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري جي هدايتن مطابق ضلعي پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن . ان سلسلي ۾ مختلف ھنڌن تان 34 ملزم گرفتار ڪيا ويا آهن. گرفتار ملزم قتل، ڌاڙن، چوري ۽ منشيات فروشي جهڙن سنگين نوعيت جي ڏوھن ۾ ملوث آهن. ملزمن وٽان هٿيار، منشيات، قيمتي موبائل فونز، لوھ جا پائپ، مختلف قسمن جون چاٻيون ۽ ٻيو چوري ٿيل سامان ھٿ ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تعلقي پوليس قمبر روڊ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي عبدالرزاق مغيري قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن ملزمن نثار چانڊيو ۽ اويس چانڊيو کي قتل ۾ استعمال ٿيل ٻن عدد ڪھاڙين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. نئون ديرو پوليس سعدو ديرو روڊ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي منشيات فروش ملزم ضمير کُوکر کي هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. مارڪيٽ ٿاڻو  جي پوليس اسٽيٽ لائف بلڊنگ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ملزم امجد ڀٽو کي بغير لائسنس جي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.ڏوڪري پوليس محرابپور روڊ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ملزم امتياز  ڪلھوڙو کي بغير لائسنس جي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سنڌ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. وليد پوليس نيو اناج منڊي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن ملزمن دلبر لورو ۽ اللہ ورايو عرف صورت عمراڻي کي چوري ٿيل سامان سميت گرفتار ڪيو آهي. سول لائنز پوليس گھٽين ۽ محلن مان چوري ڪرڻ واري 8 رڪني گروهه آصف، محرم، شهزادو، ادريس، محمد علي، معروف، علي اڪبر ۽ اشفاق کي گرفتار ڪري ورتو آهي.سچل پوليس گھٽين محلن مان چوري ڪرڻ واري 7 ڄڻن واري گروپ راشد، اقرار، اويس، شوڪت، مجيد، حاجي ۽ نسيم کي لوھ جا پائيپ ۽ مختلف قسمن جي چاٻين سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي طرف سچل پوليس سجاد ۽ علي نالي ٻن گھربل  ملزمن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.علي گوھر آباد پوليس شهر جي مختلف گهٽين مان چوري ڪندڙ 6 ڄڻن آفاق، بابر، ديدار، اقرار، سميع ۽ نظير کي گرفتار ڪري ورتو آهي. باڊهه پوليس ٻن ملزمن محمد حسن عرف مامو بروهي ۽ عبدالرسول بروهي کي منشيات سميت گرفتار ڪري الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن.ڏوڪري پوليس ٻن ملزمن عمران جويو ۽ بابر شيخ کي منشيات/شراب سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. الله آباد پوليس چوري ٿيل قيمتي موبائل فون واپس ڪري اصل مالڪ شهري امام الدين راجپوت جي حوالي ڪري ڇڏي آهي،ٻي طرف بقاپور پوليس گم ٿيل قيمتي موبائل فون واپس ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي آهي.