بلوچستان ۾ تازي دهشتگرد حملي کانپوءِ ڀارت جي پرڏيهي وزارت پاران ايندڙ ردعمل اصل ۾ پاڪستان جي موقف جي توثيق آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان

اسلام آباد - 26 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته بلوچستان ۾ تازي دهشتگرد حملي کانپوءِ ڀارت جي پرڏيهي وزارت پاران ايندڙ ردعمل اصل ۾ پاڪستان جي ان موقف جي توثيق ڪري ٿو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام جي سرگرمين ۾ ٻاهريان عنصر ملوث آهن. هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي ترجمان خطي ۾ امن، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان …

اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته بلوچستان ۾ تازي دهشتگرد حملي کانپوءِ ڀارت جي پرڏيهي وزارت پاران ايندڙ ردعمل اصل ۾ پاڪستان جي ان موقف جي توثيق ڪري ٿو ته ملڪ ۾ عدم استحڪام جي سرگرمين ۾ ٻاهريان عنصر ملوث آهن. هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي ترجمان خطي ۾ امن، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي قومي مفادن ۽ عالمي تڪرارن تي پاڪستان جي اصولي موقف کي پڻ ورجايو. ترجمان ياد ڏياريو ته هلندڙ مهيني سمجهوتا ايڪسپريس بم حملي جي 19هين ورسيءَ ملهائي پئي وڃي جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته ان حملي ۾ ملوث ماڻهن مان هڪ آسيد آنند سرعام پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو جڏهن ته ڀارتي ڪرنل سري ڪانت پروهت پڻ پنهنجي ڪردار جو اقرار ڪيو هو جڏهن ته سمجهوتا ايڪسپريس ڪيس جا چار ئي جوابدار اڃا تائين آزاد آهن. طاهر حسين اندرابي چيو ته ڀارت ان حملي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن ڀارتي پرڏيهي وزارت جي تازي بيان کي بي بنياد قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي قطر جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو، والاريل اولهندي ڪناري جي صورتحال تي پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ سمجهوتا ايڪسپريس حملي جي ورسيءَ جو حوالو ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم قطر جي امير جي دعوت تي 23 کان 24 فيبروري تائين دوحه جو دورو ڪيو. هن چيو ته ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي رابطن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته قطر جي امير پاڪستان سان اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ اسٽريٽجڪ سطح تائين سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تڪرارن جي پرامن حل، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته قطر جي امير وزيراعظم پاران هن ئي سال پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. طاهر حسين اندرابي چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار 26 کان 28 فيبروري تائين سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، هي هنگامي اجلاس اسرائيلي قابض عملدارن جي انهن قدمن تي غور جي لاءِ گهرايو ويو آهي جن کي پاڪستان غيرقانوني قرار ڏنو آهي جن ۾ يهودي بستين جي واڌاري ۽ والاريل اولهندي ڪناري تي اسرائيلي قبضي جا قدم شامل آهن. وزارتي اجلاس ۾ سينيٽر محمد اسحاق ڊار والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد ”رياستي زمين“ ۾ تبديل ڪرڻ جي اسرائيلي قدمن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. اجلاس جي موقعي تي ان جي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ملڪن سان گڏيل بيانن ۾ تازي اسرائيلي قدمن جي شديد مذمت ڪئي اهي ۽ انهن کي عالمي قانون جي خلاف ورزي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي.

مزید خبریں