ٽيڪس عملدارن کي بنا اڳواٽ نوٽيس جي ڇاپي جو اختيار حاصل آهي: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ٽيڪس ڇاپن بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته ٽيڪس عملدار ڪنهن به وقت ۽ بنا اڳواٽ نوٽيس جي ڪنهن به هنڌ تي ڇاپو هڻي سگهن ٿا ۽ ان لاءِ ٽيڪس ڏيندڙ خلاف پهرين ئي ڪنهن ڪيس جو التوا ۾ هجڻ ضروري ناهي. هي فيصلو جسٽس عامر فاروق جاري ڪيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته پارليامينٽ …

اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ٽيڪس ڇاپن بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته ٽيڪس عملدار ڪنهن به وقت ۽ بنا اڳواٽ نوٽيس جي ڪنهن به هنڌ تي ڇاپو هڻي سگهن ٿا ۽ ان لاءِ ٽيڪس ڏيندڙ خلاف پهرين ئي ڪنهن ڪيس جو التوا ۾ هجڻ ضروري ناهي. هي فيصلو جسٽس عامر فاروق جاري ڪيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته پارليامينٽ ٽيڪس قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي وسيع اختيار فراهم ڪيا آهن ۽ عدالت قانون ۾ پنهنجي طرفان ڪي اهڙا شرط شامل نٿي ڪري سگهي جيڪي پارليامينٽ لکت طور شامل نه ڪيا هجن. وفاقي آئيني عدالت ان دليل کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪنهن باقاعده ڪيس يا ڪارروائي کانسواءِ ڇاپو غير قانوني تصور ڪيو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس عملدار قانون موجب ڪارروائي جا مجاز آهن. جڏهن ته عدالت هدايت ڪئي ته ڪمشنر کي لکت ۾ اها وضاحت ڪرڻي پوندي ته ڪهڙي قانون جي ڀڃڪڙي جي شڪ ۾ ڇاپو هنيو پيو وڃي. عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته ٽيڪس عملدار ڪمپيوٽر، دستاويز ۽ اڪائونٽس کي تحويل ۾ وٺڻ جا مڪمل اختيار رکن ٿا، شرط اهو آهي ته ڪارروائي قانون جي دائري ۾ هجي. عدالت جي ان فيصلي کي ٽيڪس قانونن جي لاڳو ڪرڻ بابت هڪ اهم نقطو قرار ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں