اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٻن ڏينهن جي غير معمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد کان سعودي عرب روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم اجلاس جي موقعي تي اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي هم منصبن سان ملاقاتون ڪندو. نائب وزيراعظم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غير معمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب روانو

مزید خبریں
اسلام آباد-26 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٻن ڏينهن جي غير معمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد کان سعودي عرب روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم اجلاس جي موقعي تي اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي هم منصبن سان ملاقاتون ڪندو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب ۾ پنهنجي قيام دوران مقدس شهرن جو مختصر دورو پڻ ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير 26 کان 28 فيبروري تائين او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غير معمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.











