سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف موثر ڪارروايون، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جا 34 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي-25 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف موثر ڪاررواين دوران فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 34 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب گذريل ڪجهه ڏينهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جاري مهم تحت انٽيليجنس تي ٻڌل سلسليوار ڪارروايون ڪيون، جن جو مقصد ڀارتي پراڪسيز، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جو مڪمل خاتمو آهي. 24 فيبروري 2026ع تي خيبرپختونخوا جي مختلف …

راولپنڊي-25 فيبروري (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف موثر ڪاررواين دوران فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 34 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب گذريل ڪجهه ڏينهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جاري مهم تحت انٽيليجنس تي ٻڌل سلسليوار ڪارروايون ڪيون، جن جو مقصد ڀارتي پراڪسيز، فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جو مڪمل خاتمو آهي. 24 فيبروري 2026ع تي خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ چار ڌار ڌار مقابلن دوران ڀارتي پراڪسي، فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 26 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته بلوچستان جي علائقي سمبازه ۾ هڪ ڪارروائي دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جا 8 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ – افغان سرحد کان مداخلت جي ڪوشش ڪندڙ خارجين جي هڪ گروه کي سيڪيورٽي فورسز نشانو بڻايو، انتهائي مهارت سان ڪيل ان ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جو هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ افغان شهري طور ٿي آهي. لڪي مروت ۾ انٽيليجنس بنياد تي هڪ آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. ضلعي بنون جي علائقي نرمي خيل ۾ ٻن مختلف مقابلن دوران 10 دهشتگرد ماريا ويا. اهڙي طرح اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيل ڪارروائي ۾ سيڪيورٽي فورسز 12 خوارجين کي ماري ڇڏيو. زوب سمبازه جي علائقي ۾ پنجين آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگرد ماريا ويا. مارجي ويل ڀارتي سرپرستي يافته انهن دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو آهي. اهي دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ سرگرم رهيا هئا. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز وطن عزيز جي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهن. علائقي ۾ موجود ٻين ڀارتي سرپرستي يافته خارجين جي خاتمي لاءِ سرچ آپريشنز جاري آهن. نيشنل ايڪشن پلان جي فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي منظور ٿيل ويزن ”عزم استحڪام“ تحت دهشتگردي خلاف اها مهم پوري قوت سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.

مزید خبریں