سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، ڪراچي سرڪلر ريلوي صوبائي حڪومت جي فليگ شپ ترجيح آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-25 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي صوبائي حڪومت جي فليگ شپ ترجيح آهي. هن چيو ته ميگاسٽي ڪراچي کي فوري طور تي ڪي سي آر جي ضرورت آهي ته جيئن اها مختلف بس ريپڊ ٽرانزٽ لائينز لاءِ فيڊر جو ڪردار ادا ڪري ۽ شهر جي ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل ۾ مدد ڏئي. اھڙو اظهار هن ڪراچي سرڪلر …

ڪراچي-25 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي صوبائي حڪومت جي فليگ شپ ترجيح آهي. هن چيو ته ميگاسٽي ڪراچي کي فوري طور تي ڪي سي آر جي ضرورت آهي ته جيئن اها مختلف بس ريپڊ ٽرانزٽ لائينز لاءِ فيڊر جو ڪردار ادا ڪري ۽ شهر جي ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل ۾ مدد ڏئي. اھڙو اظهار هن ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ اليڪٽرڪ بس سروس جي شروعات تي ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وفد جي قيادت ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين ڪري رهي هئي. ٻنهي پاسن کان صوبي ۾ ترقياتي تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۽ ترجيحي ٽرانسپورٽ منصوبن تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڪراچي کي درپيش سفري مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪندي وڏي وزير چيو ته حڪومت سرڪلر ريلوي جي شروعات لاءِ مالي ۽ فني معاونت جي خواهشمند آهي. وڏي وزير چيو ته جيئن ته ايشيائي ترقياتي بينڪ اڳ ئي ريڊ لائن منصوبي ۾ صوبائي حڪومت جي معاونت ڪري رهي آهي جنهن تي ڪم تيزي سان جاري آهي تنهن ڪري اهو مناسب وقت آهي ته بينڪ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي ۾ پڻ تعاون ڪري. هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي رڳو هڪ ٽرانسپورٽ منصوبو نه پر شهر جي لائف لائين آهي. اسان ان کي جديد انفراسٽرڪچر ۽ مربوط شهري رٿابندي سان بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي فني ۽ مالي معاونت سان اسان ڪراچي جي ماس ٽرانزٽ نظام کي تبديل ڪري سگهون ٿا ۽ لکين ماڻهن کي سستي ۽ محفوظ سفري سهولت فراهم ڪري سگهون ٿا. مراد علي شاهه چيو ته ڪي سي آر جي بحالي سان ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، ڪاربان نيڪال گهٽ ٿيندو ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۾ جامع اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر اصولي طور تي ڪي سي آر منصوبي سان اتفاق ڪيو ۽ صوبائي حڪومت کي صلاح ڏني ته ضروري دستاويز جمع ڪرايا وڃن ته جيئن منصوبو منظوري لاءِ بينڪ جي بورڊ آڏو پيش ڪري سگهجي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي جاري منصوبن واري پورٽ فوليو جو جائزو پڻ ورتو ويو ۽ 2026ع کان 2029ع تائين اٽڪل 3 ارب آمريڪي ڊالر جي تجويز ڪيل ترقياتي پائيپ لائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ، شهري ترقي، صحت، تعليم، پاڻي، ٻهراڙي ترقي ۽ ماحولياتي استحڪام جا شعبا شامل آهن. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس سروس ۾ اضافو ۽ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ پائيدار سفري فريم ورڪ تحت هن سروس جي شروعات تي پڻ غور ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هوا جي معيار ۽ شهري چر پر کي بهتر بڻائڻ لاءِ صاف ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ حل لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اليڪٽرڪ بسون نه رڳو پبلڪ ٽرانسپورٽ کي جديد بڻائينديون پر موسمياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ ۽ تيل تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿينديون. اسان جو ويزن سنڌ جي سڀني وڏن شهرن لاءِ موسمياتي لحاظ کان مستحڪم، جامع ۽ مؤثر ٽرانسپورٽ نظام جو قيام آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ممڪن مالي آپشنز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ پراجيڪٽ ريڊينس فنانسنگ ۽ ڪو فنانسنگ انتظام شامل آهن. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته صوبائي حڪومت اليڪٽرڪ بسن جي تجويز ضروري ڪارروائي لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ ڏانهن موڪليندي. 2026ع کان 2029ع تائين ايشيائي ترقياتي بينڪ جي تجويز ڪيل پائيپ لائن ۾ صحت جي شعبي ۾ افرادي قوت جي مضبوطي، ثانوي تعليم، پائيدار ٽرانسپورٽ، شهري ۽ نيڪال منصوبا، ڳوٺاڻو پاڻي، سينيٽيشن اينڊ هائيجين واش پروگرامز، ساحلي استحڪام، ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس ۾ وڏي سيڙپڪاري شامل آهي. ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ ريڊلائن لاءِ اضافي فنانسنگ ۽ نون شهري ۽ ٽرانسپورٽ منصوبن جي تياري تي پڻ غور ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته اسان جي توجه وقت سر مڪمل ڪرڻ، شفافيت ۽ معيار تي آهي. 2022ع جي ٻوڏ کان پوءِ اسان رڳو انفراسٽرڪچر جي بحالي نه پيا ڪريون پر بهتر ۽ موسمياتي لحاظ کان مستحڪم نظام تعمير ڪري رهيا آهيون. تيز رفتاري ۽ ادارياتي تياري ٻنهي پاسن کان هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته منصوبن جي تياري کي بهتر بڻايو وڃي، منظوري جي عمل کي هموار ڪيو وڃي ۽ ادارياتي سگهه مضبوط ڪئي وڃي ته جيئن دير ۽ لاڳت ۾ واڌ کان بچي سگهجي. مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ کاتي، رٿابندي ۽ ترقيات، ۽ ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته تياري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ترجيحي منصوبا 2026ع کان 2029ع جي مستحڪم پائيپ لائن ۾ شامل ڪري سگهجن. هن چيو ته سنڌ ايشيائي ترقياتي بينڪ سان پنهنجي شراڪتداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان تيز رفتار عملدرآمد، مضبوط حڪمراني ۽ عوام لاءِ نمايان نتيجا چاهيون ٿا. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين سنڌ جي سڌارن واري ايجنڊا کي ساراهيو ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ، شهري خدمتن، موسمياتي استحڪام، تعليم ۽ جامع ترقي جي شعبن ۾ صوبي جي معاونت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي هن گڏيل عزم سان ٿي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ اليڪٽرڪ بسن جهڙن انقلابي ٽرانسپورٽ منصوبن کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ ساڳئي وقت سنڌ ۾ وسيع تر ترقياتي ايجنڊا تي اڳڀرائي جاري رکي وڃي. وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين رٿابندي ۽ ترقيات نجم شاهه ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل شريڪ هئا. عالمي بينڪ جي وفد ۾ ڪنٽري آپريشنز هيڊ نسّنڪا سلگادو، پروگرام آفيسر خرم عباسي، سينيئر پراجيڪٽ آفيسر سلمان ميان ۽ ٻيا شامل هئا.